ريلوي ڪلارڪ ايسوسيئشن سکر ڊويزن پاران الله ڏنو گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ناموس رسالت صه ريلي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ  ) ريلوي ڪلارڪ ايسوسيئشن سکر ڊويزن پاران الله ڏنو گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ناموس رسالت صه ريلي، ڊي ايس آفيس کان سکر پريس ڪلب تائين ڪڍي فرانس خلاف سخت نعريبازي ڪندي پاڪستان سوڌو مسلمان ملڪن کان فرانس سان سفارشي تعلقات ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي، تفصيل موجب، فرانس ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخ خاڪا ٺاهڻ واري عمل خلاف ريلوي ڪلارڪ ايسوسيئيشن سکر ڊويزن جي اڳواڻن الله ڏنو گوپانگ، سيد طارق حسين شاه گيلاني. نظام الدين، مجيب انصاري. الطاف حسين چارڻ، الطاف حسين مهر، آغا امجد، محمد وسيم مغل، ايم نعيم گل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي ايس آفيس کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي جڏهن ته ان ريلي ۾ ڊي پي او سجاد واگهو پڻ خصوصي شرڪت ڪري نبي پاڪ سان محبت جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين فرانس حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري پاڪستان سميت مسلمان حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته فرانس سان سفارشي تعلقات ختم ڪيا وڃن، هنن چيو ته فرانس ۾حضور پاڪ صه جن جي شان ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪيا ويا آهن، جنهن سان دنيا جي ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي. مسلمان سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگھن ٿا پر حضور پاڪ صه جن جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا. هنن چتاءُ ڏنو ته فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،

Read Previous

ڪورونا وائرس سبب روڪيل ترقياتي ڪمن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ جو اعلان

Read Next

سکر پوليس پاران گذريل رات باگڙجي جي ڪچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان رشيد خروس کي مارڻ جي دعوي

Most Popular