پنو عاقل لڳل ڪچي جي پل تي ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب پل ٽٽي تباهه ٿي وئي

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير )پنوعاقل لڳ ڪچي جي سومرا پهنواري رضاڳوٺ گھرڻو عبدالله شاھ ڳوٺ واري ڪروڙن جي ميگا اسڪيمون تحت ناقص مٽيريل سان ورڪس اينڊ سروسز روڊس هائويز پرائونشل کاتي ۽ ٻين پاران منپسند ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪروڙن جي اسڪيمون واري پلين ۾ اهڙي مُک پلين ۾ جيڪي ڪچي توڙي پڪي واري ڪيترن ئي ڳوٺن کي سنڌوءِ کان پنوعاقل سانگي، هنڱورو، روڙهي، شهرن تائين پهچائڻ جو مُک ذريعو آهن انهن ۾ سفارشي آفيسرن ۽ راشي ۽ سياسي آشيرواڌ رکندڙ ٺيڪيدارن پاران وڏي مقدار ۾ 2 نمبر مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب 2 کان 3 سالن جي عرصي ۾ اُهي پليون ٽٽي ڪري تباھ ٿي ويون آهن ۽ انهن جو ڪافي سامان به سنڌو جي ويرن جي ور چڙهي ويو ۽ سرڪار جا ڪروڙين روپيه به پاڻي ۾ ٻڏي ويا، روزانو هزارين اچ وڃ ڪندڙ ڳوٺاڻا ٻيڙين جا هن موسم ۾ به ڳرا ڀاڙا ڀري موٽرسائينڪلون هٿن ۾ کڻي منٽن وارو سفر ته ڪلاڪن ۾ ڪن پيا ڪيترن ئي بيمار ماڻهن ۽ اسڪولي شاگردن وغيرھ جي لاءِ اهڙو مسئلو وڏو عذاب بڻيل آهي نااهل آفيسرن ۽ سفارشي ٺيڪيدارن خلاف ڪيترائي ڀيرا ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن توڙي وس وارن وٽ احتجاج ته رڪارڊ ڪرايو پر ڪچي واري مُک ڪراسنگ پل سومرا پهنواري جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي بجيٽ نه هجڻ جو بهانو ڪري ٺيڪيدار ڪيترن ئي مهينن کان گم ٿيل آهن پل ٽٽل آهي ٻئي طرف بچابند کان عبدالله شاھ ڳوٺ گھرڻو رضاڳوٺ واري ڪچي تائين ويندڙ پل جو ڪم مهينو اڳ ناقص مٽيريل سان شروع ڪري ٺڪيدار ۽ عملدار نالي ماطر اڏاوت ڪري لکين روپين جا ڪوڙا بل پاس ڪرائي هليا ويا، 2 مهينا اڳ تعمير ڪرايل عبدالله شاھ رضاڳوٺ پل ۾ ناقص مٽيريل سبب ڏار پئجي ويا آهن ان جي فرشبندي وارو ٿيل ڪم ٽٽي، سرون، لوھ، سيمنٽ ڪرڻ لڳو آهي ڳوٺاڻن موجب ته ٺيڪيدار صرف عملدارن جي ملي ڀڳت سان عوام کي بيوقوف بڻائي ڏيکاءُ وارو ڪم ڪري هليا ويا آهن پل هيئنر ئي ٽٽڻ شروع ٿي وئي آهي سومرا پل اڳ ئي ٽٽل آهي جيڪڏهن پاڻي آيو يا ان پل تي ڪا هيوي لوڊ واري گاڏي گذري ته 2 مهينا اڳ تعمير ٿيل پل به ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي ويندي، حاجي عبدالقيوم مهر، نعمت الله سولنگي، شاهد مهر، سيد نعيم شاھ، ۽ ٻين اهڙي نااهل آفيسرن سفارشي ٺيڪيدارن خلاف سخت احتجاج ڪندي اينٽي ڪرپشن سميت وس وارن ۽ چونڊيل نمائندن کان جاچ جي گھر ڪئي آهي، ڳوٺاڻن چيو ته اُها پل به ٽٽي پئي ته ڪچي ۽ پڪي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ويندو …………………………………

Read Previous

موٽر وي پوليس پوري پاڪستان ۾ روڊ حادثات ۾ گهٽتائي ۽ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ بنا معاوضي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي

Read Next

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ، ٻه نوجوان شهيد

Most Popular