پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽيون ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏيو ويندو

راولپنڊي:   پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز جو آخري ميچ اڄ راولپندي ۾ کيڏيو ويندو. قومي ٽيم سيريز ۾ زمبابوي کي ڪلين سوئپ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.  اڳ ۾ کيڏيل ٻنهي ميچن ۾ پاڪستاني ٽيم زمبابوي کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي. پاڪستان ٻئين ٽي 20 ميچ ۾ زمبابوي کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.  قومي ٽيم زمبابوي طرفان ڏنل 135 رنسن جو حدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو هو. قومي ٽيم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.  زمبابوي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ عثمان قادر 3-3 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.

Read Previous

ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پاڪستانين جي ذهنيت بابت بيان تي وضاحت پيش ڪري ڇڏي

Read Next

ٽڪ ٽاڪ لاڳيتو ڇهون ڀيرو سڀني کان وڌيڪ ڊائون ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي

Most Popular