دادو جي شهري عبدالله ملاح احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

دادو رپورٽ (محمد علي شيخ)  دادو جي شهري عبدالله ملاح احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي وڏي ڀاءِ عبدالغني ملاح کي  1994 ۾ غني آٽوز دوڪان جي ملڪيت تان منهنجي ويڳڻ ڀائرن بخشل ملاح ۽  عبدالستار  کيس کي گهر اندر مٿي ۾ ڌڪ هڻي سخت تشدد ڪرڻ بعد پسٽل جا فائر ڪري سيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هئو ان وقت منهنجي پيءِ مرحوم عبدالڪريم ملاح قاتلن خلاف ڪيس داخل نه ڪرايو هئو. جڏهن ته 2013 منهنجو پيءِ عبدالڪريم فوت ٿي ويو، بعد ۾ ساڳيا ٽئي ويگا ڀائر مننهنجي امڙ کان زبردستي ڪروڙين رپين جي جائداد جن ۾ 68 جريب زرعي زمين سميت دوڪانن –پلاٽن ۽ جڳهن جا دستاويز ڪاغذات کڻي هليا ويا. اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪندو  رهيس، انتظاميه سياسي مداخلت سبب ڌر ٻڻجي منهنجو فرياد وٺڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو بعد ۾ عدالت سڳوريءِ ۾ انصاف خاطر وڪيل معرفت درخواست  ڏني. جنهن کان پوءِ مذڪوره جوابدار مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي موت مار ڌمڪيون ڏين پيا ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ حراسان ڪن پيا. بيروزگار آهيان پيءِ جي جائداد مان حق ڏياريو وڃي ۽ ڀاءِ جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏياري وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس. جنهن جا ذميوار چونڊيل نمائيندا ۽ ضلع انتظاميه هوندي، جڏهن ته هن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ پاڪستان ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلاول ڀٽو زرداري ، آي جي سنڌ ، ڊي آي جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي آهي ته کيس تڪڙو انصاف مهيا ڪري ڏنو وڃي

Read Previous

مٽياري : صوبائي وزير روينيو ۽ رليف مخدوم محبوب الزمان جي هدايتن تي م عوام کي مهنگائيءَ کان رليف ڏيارڻ لاءِ “بچت بازارون” قائم ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

شيعه علماءِ ڪائونسل نوابشاهه پاران جشنِ عيد ميلاد النبي صه ۽ جشنِ ولادت حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جو عظيم آليشان جلسو منعقد

Most Popular