شيعه علماءِ ڪائونسل نوابشاهه پاران جشنِ عيد ميلاد النبي صه ۽ جشنِ ولادت حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جو عظيم آليشان جلسو منعقد

شاهه(رپورٹ:دانش حیدر) شيعه علماءِ ڪائونسل نوابشاهه پاران 25هو ساليانو جشنِ عيد ميلاد النبي صه ۽ جشنِ ولادت حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جو عظيم آليشان جلسو مرڪزي مُرتضوي امام بارگاهه موهڻي نوابشاهه ۾ منعقد ڪيو ويو جلسي ۾ شيعه سُني ڀائرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جشنِ عيد ميلاد النبي جي جلسي کي مشهور نعت خوانن سلامت سلامت علي ساجدي، شاڪر چانڊيو ۽ ٻين نعتون ۽ قصيده ٻڌائي مومنين کي جهومائي ڇڏيو انهي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي نامور عالم علامه صبطِ حسن نوري، شيعه علماءِ ڪائونسل جي ڊويزنل صدر زوار محمد حسين چانڊيو ۽ مولانا محمد عالم مري خطاب ڪندي چيو ته حضرت رسول خدا صه جي ظاهري دنيا ۾ اچڻ سان جهالت جو خاتمو آيو ۽ هر طرف علم جو نور ڦهلجي ويو هنن چيو ته هي دنيا محمد صه و آل محمد صه جي صدقي ۾ خلق ڪئي وئي آهي اسان جي جان مال، عزت ۽ آبرو محمد و آل محمد صه تان قربان آهي هنن چيو ته فرانس ۾ حضرت رسول خدا صه جي توهين برادشت نه ڪئي ويندي هنن فرانس جي صدر جي مذمت ڪندي چيو ته اقوام متحده ۽ اسلامي ملڪن جي تنظيم فرانس جي صدر خلاف ڪاروائي ڪن ٻي صورت ۾ ملت اسلاميه فرانس خلاف جهاد ڪندي ان موقعي تي امام بارگاهه کي مڪمل چراغان ڪيو ويو ۽ محمد و آل محمد صه جي شان ۾ نعتون ۽ قصيده پڙهيا ويا ۽ هر طرف لبيڪ يا رسول الله صه جون صدائون بلند ٿي رهيون هيون آخر ۾ نياز تقسيم ڪيو ويو.

Read Previous

دادو جي شهري عبدالله ملاح احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي

Read Next

سانگهڙ يونين اسٽاف ميونسپل ڪميٽي جي مرد عورتن ملازمن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ بلديا جي گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular