ڊرٻ ميهر شاهه جي رهواسين جو خيرپور ۾ ٽنڊومستي پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج، نوجوان جي قتل ۾ زال ۽ سندس ڀاءُ جي ملوث هجڻ جو انڪشاف

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ  )ڊرٻ ميهر شاهه جي رهواسين جو خيرپور ۾ ٽنڊومستي پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج، نوجوان جي قتل ۾ زال ۽ سندس ڀاءُ جي ملوث هجڻ جو انڪشاف، مقتول جي لاش جي قبر ڪشائي ڪري ٻيهر انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو. خبر موجب 18  آڪٽومبر تي ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڊرٻ ميهر شاهه ڀرسان ڳوٺ صابل اڄڻ جي رهواسي نوجوان 35 سالا راجه عرف راجو ولد محمد عرس اڄڻ کي گهر جي ڪمري اندر پسٽل جي گولي هڻي قتل ڪيو ويو جنهن جو قتل ڪيس سندس چاچي پيار علي اڄڻ جي فرياد تي ٽنڊومستي ٿاڻي تي ٻن جوابدارن صدورو خان ۽ عبدالرحمان اڄڻ خلاف داخل ڪرايو ويو هو, جنهن بعد ڪيس جي چالان جي دوران ٻن شهرين بهاول الدين ولد دودو خان اڄڻ ۽ سندس پٽ سجاد حسين عرف ببلو اڄڻ جا نالا ڏيئي عدالت ۾ چالان پيش ڪيو ويو. پوليس جي اهڙي عمل خلاف اڄڻ برادري جي بهاول الدين، خالد حسين، گلشير، نورل اڄڻ ۽ ٻين خيرپور ۾ ٽنڊومستي ٿاڻي جي پوليس ۽ بااثر علي مراد اڄڻ جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته نوجوان راجه عرف راجو اڄڻ کي سندس جي گهر واري مسمات گلشن ۽ سندس جي ڀاءُ غلام حسين عرف گلشو اڄڻ گهر جي ڪمري ۾ نشو ڏيئي بيهوش ڪرڻ بعد پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هيو. ٽنڊومستي پوليس انهن کي گرفتار ڪري بعد با اثر علي مراد اڄڻ جي چوڻ تي وڏي رشوت وٺي کين آزاد ڪيو ويو ۽ بااثر علي مراد اڄڻ جي چوڻ تي پوليس ڪيس جي چالان ۾ اسان جا نالا ڏئي اسان کي بيگناهه ڦاسايو آهي. هنن چيو ته علي مراد اڄڻ علائقي ۾ ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪري ڏوهه ڪرائي ٻين شريف ماڻهن کي ڦاسائي انهن کي بيلڪ ميل ڪري انهن جون زمينون خريد ڪري ٿو ۽ اسان کي به بليڪ ميل ڪري زمين خريد ڪرڻ چاهي ٿو. هنن چيو ته اسان ان ڪوڙي ڪيس جي عدالت مان ضمانت ڪرائي آهي ان باوجود ٽنڊومستي پوليس اسان کي گهر به نٿي وڃڻ ڏئي. هنن اعلي عدالتن, ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته مقتول نوجوان جي قبر ڪشائي ڪري ميڊيڪل ٽيم جوڙي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

پاڪستان ڪلواڙ ويلفيئر اسوسيئشن جو سکر ۾ هڪ اهم اجلاس

Read Next

خيرپور وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام پاران خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو دورو

Most Popular