خيرپور وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام پاران خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو دورو

خيرپور (ڊر) خيرپور  وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام پاران خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو دورو، مختلف شعبن جو جائزو وٺي استادن ۽ انتظامي آفيسرن سان گڏجاڻي منعقد ڪيائين. خبر موجب وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ڊاڪٽر ظهيرالدين ميراڻي خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو دورو ڪري مختلف ليبارٽرين ۽ شعبن جو جائزو وٺي استادن ۽ انتظامي آفيسرن سان گڏجاڻي منعقد ڪئي جنهن ۾ ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو ۽ ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر علي رضا شاهه سميت مختلف شعبن جي استادن ۽ انتظامي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وائيس چانلسر خطاب ڪندي چيو آهي ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ تحقيق جي بنياد تي تعليمي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ سندس اولين ترجيح آهي ته جيئن شاگردن کي جديد گهرجن مطابق تعليم ڏئي سگهجي، گڏجاڻي دوران هن استادن کي هدايت ڏيندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ هارين کي جيڪي مسئلا يا مشڪلاتون درپيش آهن انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي تحقيق تي مبني تعليم فراهم تي ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته هڪ پڙهيل لکيل هاري صوبي سنڌ ۾ اوچتو موسمياتي تبديلين جي اثر سبب پيش ايندڙ مشڪلاتن کي بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهي ٿو. ان موقعي تي هن مستقل بنيادن تي منظم طريقي سان ڪلاس هلائڻ تي ڪاليج جي پرنسيپال ۽ استادن جي ساراه ڪئي. بعد ۾ هن ڪاليج جي اڱڻ تي ٻوٽو پوکي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو

Read Previous

ڊرٻ ميهر شاهه جي رهواسين جو خيرپور ۾ ٽنڊومستي پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج، نوجوان جي قتل ۾ زال ۽ سندس ڀاءُ جي ملوث هجڻ جو انڪشاف

Read Next

مورو ۾ مختيارڪار آفيس جي ڪلارڪن تپيدارن عملي آفيسن جي تالا بندي ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو

Most Popular