روٽري ڪلب پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ معزز شهرين ، مختلف ادارن جي آفيسرن ، سياسي و سماجي شخصيتين ، صحافين سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي

ميرپورخاص ( شاهزيب خاصخيلي) روٽري ڪلب ميرپورخاص ۾ سابقه ايم اين اي ۽ معروف سماجي اڳواڻ ايس اي خان، باني ميرپورخاص ٽالپر خاندان جي چشم و چراغ سماجي رهنما مير عبيدالله ٽالپر جي سالگره جو ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب  منعقد ڪئي ويئي. جنهن ۾ روٽري ڪلب ميرپورخاص جي صدر محمد رفيق لغاري ، سيڪريٽري محمد بخش ڪپري ۽ ٻين عهديداران ، ميمبرن ، معززين شهر، مختلف ادارن جي افسران، سول سوسائٽي جي رهنمائن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. منعقد ڪيل تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر / ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي ميرپورخاص ڊاڪٽر شاهده پروين کي خصوصي طور تي مدعو ڪيو ويو. تقريب سان خطاب ڪندي مهمان خاص ڊاڪٽر شاهدو پروين چيو ته ميرپورخاص جي شهرين ۽ مختلف مڪتب فڪر جا اڳواڻن جي شڪر گذار آهيان. جيڪي نه صرف شهر جي مسئلن تي مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن بلڪه وقت به وقت رهنمائي به ڪري رهيا آهن. انشاء الله شهرين جي تعاون سان ميرپورخاص جي بنيادي مسئلن ، شهر جي صفائي ، ستهرائي ، انڪروچمنٽ سميت روزمره جي ريٽ ، ڪوالٽي تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ مڪمل وسائل ڪتب آندا ويندا. هن ڌيڪ چيو ته آئون چاهيان ٿي ته هتان جا نواجوان بهترين تعليم حاصل ڪري C.S.S  جي تياري ڪن ۽ ان جي امتحاني مقابلي ۾ سامهون اچن آئون تعاون ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. آئون چاهيان ٿي ته ميرپورخاص ۾ بهترين لائبرريون هجن جتي اسان جا شاگرد نوجوان مختلف سبجيڪٽن جي اسٽيڊي ڪن ۽ انشاء الله توهان جي تعاون سان انهن شين کي ممڪن بڻايو ويندو. تقريب جي شروعات ۾ معزز شهرين ، سماجي اڳواڻن، روٽري ڪلب ميرپورخاص جي عهديدارن و ميمبرن ميڊم ڊاڪٽر شاهده پروين کي روٽري ڪلب اچڻ تي خوش آمديد ڪندي سنڌ ثقافتي تحفي اجرڪ ، پوتي ، گلدستا پيش ڪيا. ۽ نامور سماجي اڳواڻ هارون کتري پاران اسسٽنٽ ڪمشنر و ايڊمنسٽريٽر ميڊم ڊاڪٽر شاهده پروين ، روٽري ڪلب ميرپورخاص جي صدر محمد رفيق لغاري ، نامور سماجي اڳواڻ جاويد بابر، سنڌ صحافي سنگت ميرپورخاص سٽي جي آرگنائيزر شاهزيب خاصخيلي کي شيلڊ پيش ڪئي. ان موقع تي مختصر سپاس نامون ڏيندي روٽري ڪلب جي صدر محمد رفيق لغاري ۽ سيڪريٽري محمد بخش ڪپري چيو ته ميرپورخاص شهر پوري دنيا ۾ مينگو سٽي جي نالي  سان مشهور آهي هتي جا ماڻهو پيار محبت ڪرڻ وارا آهن هتي هندو ، مسلمان ، سنڌي ، اردو ، بلوچ ، پختون ۽ پنجابي سميت پوري پاڪستان ۾ رهندڙ ٻيون قومون به پاڻ ۾ پيار محبت سان رهن ٿيون. ميرپورخاص مختلف قومن جو هڪ گلدستو آهي جيڪو پاڪستان جي اصل صورت پيش ڪري ٿو. انهن چيو ته ميڊم ڊاڪٽر شاهده پروين جا اسين شڪر گذار آهيون جنهن ڏينهن رات محنت ڪري شهرين جي بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جدو جهد ڪري رهي آهي ۔

Read Previous

سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو اينٽي انڪروچمنٽ عملو حددخلين بجاء مافيا جو ساٿاري بڻجڻ لڳو!!! استمبول هوٽل ڪيفي جو هوٽل جي حد اندر ٺھيل تندور ڊاهڻ بعد هوٽل کي سيل ڪري ڇڏيو

Read Next

سول اسپتال دادو ۾ ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب فوت

Most Popular