گوگل ميپ رستن جي ڳولا ۾ آساني لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

لنڊن:   گوگل ميپ رستن جي ڳولا ۾ آساني جي لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. صارفين اسٽريٽ ويو ڊيٽا  کان سواءِ 360 ڊگري ڪيمري جي اپ لوڊ ڪري سگهندا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب هاڻ پهريون ڀيرو گوگل طرفان عام صارفين اسٽريٽ ويو ڊيٽا کان سواءِ 360 ڊگري ڪيمرا جي اپ لوڊ ڪري سگهندو. اسٽريٽ ويو ۾ هڪ نئون فيچر ڊرائيونگ موڊ متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو هن وقت صارفين جي محدود انگ لاءِ دستياب هوندو. هن فيچر کي ان ايپل ڪرڻ تي صارفين پنهنجي ئي موبائل فون مان تصوير ڪڍي اپ لوڊ ڪري سگهندا ۽ انهن کي خاص ڪيمرا جي ضرورت نه پوندي. جڏهن ته چهري ۽ لائسنس پليٽس خودڪار طور تي ڌنڌلا ٿي ويندا. ڊرائيونگ موڊ کان اسٽريٽ ويو کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۾ مدد ملي سگهندي.  خاص طور  ڳوٺاڻن علائقن ۾ جتي جو وڌيڪ ڊيٽا گوگل کي مليل ناهي. گوگل طرفان في الحال اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته صارفين جي فون مان اپ لوڊ ڪيل ڊيٽا جي معيار کي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو ويندو پر في الحال ته بس اهوئي اندازو آهي ته هن ڊيٽا کي مينوئل طريقي سان ريويو ڪيو ويندو. گوگل ميپس هڪ اهڙو دلچسپ ٽول آهي جنهن جي ذريعي اوهان ان جڳهين کي به ڏسي سگهندو جتي اوهان جي وڃڻ جا امڪان گهٽ آهن.

Read Previous

آمريڪا ۾ ڪورونا سبب صورتحال انتهائي خراب، هڪ لک پنجٽيهه هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Read Next

نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، سرفراز احمد جي واپسي

Most Popular