چونڊ نتيجا تبديل ٿي ويندا، منهنجي سوڀ يقيني آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

Trump

واشنگٽن: آمريڪي صدارتي چونڊن جا هينئر تائين ملندڙ نتيجن موجب ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ناقابل شڪست برتري حاصل آهي پر ان جي باوجود ٽرمپ کي اميد آهي ته هو اليڪشن ضرور کٽيندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان تمام گهڻو تيزي سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. چونڊ نتيجا ايندڙ هفتي کان اچڻ شروع  ٿي ويندا. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته اسان چونڊون کٽينداسين ۽ آمريڪا کي ٻيهر عظيم بنائينداسين.  ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به چيو آهي ته اقتدار جي منتقلي بهتر طريقي سان ٿيندي پر اها ٽرمپ جي ٻئي انتظاميه جي لاءِ ئي هوندي. ٻئي طرف نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن اقتدار جي هموار منتقلي سان انڪار جي ٽرمپ جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن ان حوالي سان چيو آهي ته ٽرمپ اها حقيقت مڃڻ جي لاءِ تيار ناهي ته اسان کٽي ويا آهيون. ٽرمپ جو انڪار ان جي شرمندگي جو اعتراف آهي. ڊيمو ڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن ترمپ کي مخاطب ٿيندي چيو ته صدر صاحب اوهان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن عالمي اڳوانن کي پيغام ۾ چيو ته امريڪا واپس اچي ويو آهي. آمريڪا اڪيلو ناهي. اسان گيم ۾ واپس وڃي رهيا آهيون. اقتدار جي منتقلي  کان ڪابه طاقت نٿي روڪي سگهي.

Read Previous

ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان ملاقات

Read Next

سجاول ۾ جاگرتا سوشل نيٽ ورڪ پاران ´ روشن مستقبل جي واٽ `جي عنوان ھيٺ جاگرتا سيمينار ٿي گذريو

Most Popular