نوابشاهه اٺھٺ روڊ تي مرزا اسٽاپ وٽ بُھه کڻي ويندڙ ٽرڪ ڊرائيور ۽ گاڏي مالڪن جو موٽروي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

     نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) نوابشاهه اٺھٺ روڊ تي مرزا اسٽاپ وٽ بُھه کڻي ويندڙ ٽرڪ ڊرائيور ۽ گاڏي مالڪن جو موٽروي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن اڪبر بروهي، فتح علي بروهي، شاهد علي، رزاق علي ۽ ٻين چيو ته نوابشاهه کان ڪراچي بھ کڻي ويندا آھيون ته موٽروي پوليس 2 ھزار کان 5 ھزار تائين غير قانوني ڏنڊ ھنيو پيو وڃي سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين چئن ھنڌن تي چالان ڪيو وڃي، ھنن چيو ته اسين روزانو ڏنڊ ڀري ڀري ٿڪجي پيا آهيون، ھنن چيو ته ھڪ طرف ڪورونا وائرس سبب بيروزگاريءَ آهي ته ٻئي طرف ڏنڊ ڀري اسان ڪنگال ٿي ويا آھيون ٻچن جو گذر سفر تنگ ٿي ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته موٽروي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اسان ڊرائيورن سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

مورو شھر جي شھيد محترمہ بينظير ڀٽو چلڊرين پارڪ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ء تعلقي ايڊمنسٽريٽر مورو پاران ٻن ڏينھن لاءِ "”مورو ايجوڪيشنل گالا”” تقريب منعقد ڪئي وئي

Read Next

پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقه سانگهڙ جي باڊي جي حلف برداري تقريب سانگهڙ جي حال ۾ منقعد ڪئي وئي

Most Popular