پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقه سانگهڙ جي باڊي جي حلف برداري تقريب سانگهڙ جي حال ۾ منقعد ڪئي وئي

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقه سانگهڙ جي باڊي جي حلف برداري تقريب سانگهڙ جي حال ۾ منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ سانگهڙ تعلقه صدر علي گل ڏاهري، امان الله زئي، سعيد احمد زئي، عمر مانگٽ، جنرل سيڪريٽري مهراج خالد خٽڪ، عالم خان، مظهرخان، رشيد تنولي،محمد عارف سهيل، آفتاب مري، ۽ ٻين کي عهدن تي چونڊي ذميواريون ڏنيون ويون انهي موقعي تي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري نديم راجپوت، ڊويزنل نائب صدر مشتاق جوڻيجو عهديدارن کان حلف ورتا ۽ عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هاڻي اوهان تي وڏي ذميواري عائد ڪئي وئي آهي جيڪا اوھان ايمانداري سان نڀائيندا هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج خلاف سازشون برداشت جوڳيون نه آهن جنهن جي مذمت ڪريو ٿا اسان جي ملڪ جي فوج پنهجي جانين جا نظرانا ڏئي هن ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪئي آهي هنن چيو ته پاڪ فوج جي حق ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويندي جنهن لاءِ ڪارڪن تياريون وٺن هن وڌيڪ چيو ته يونين ڪائونسل سطع تي ڪاميٽيون جوڙيون وينديون

Read Previous

نوابشاهه اٺھٺ روڊ تي مرزا اسٽاپ وٽ بُھه کڻي ويندڙ ٽرڪ ڊرائيور ۽ گاڏي مالڪن جو موٽروي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

Read Next

جوهي دادو روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت

Most Popular