فوج سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون:مريم نواز

مريم نواز

اسلام آباد:   مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته فوج سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ۽ اسان ڳالهيون ضرور ڪنداسين پر اڳيان وڌڻ جي لاءِ حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ مريم نواز چيو ته اسٽيبلشمينٽ منهنجي ڀرپاسي ۾ موجود ڪيترن ئي ماڻهن سان رابطا ڪيا آهن پر مون سان سڌو سنئون ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوج منهنجو ادارو آهي. اسان ضرور ڳالهيون ڪنداسين آئين جي ڊائري ۾ رهندي ڳالهيون ٿينديون ۽ اهي سموريون ڳالهيون عوام جي سامهون هونديون. لڪي ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڳالهين جي شروعات تي غور ڪري سگهجي ٿو پر ان جي لاءِ شرط آهي ته جعلي حڪومت کي گهر موڪليو وڃي. هن چيو ته مان اداري جي مخالف ناهيان. پر سمجهان ٿي ته جيڪڏهن اسان کي اڳيان وڌڻو آهي ته هن حڪومت کي گهر موڪلڻو پوندو.  مريم نواز وڌيڪ چيو ته  مان سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون ڪري سگهان ٿي ۽ ڊائيلاگ ته هاڻ پاڪستان جي عوام سان ٿيندا ۽ ٿي رهيا آهن ۽ ايترو سٺو ٿي رهيو آهي جو جعلي حڪومت گهبرايل آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته(ن) ليگي جي سياست بند گهٽي طرف نه پئي وڃي. عوام ان جو ثبوت جڳهه جڳهه تي پاڻ ڏٺو آهي. هاڻ بند گهٽي ناهي. هاڻ هي رستو آهي اهو رستو ائين ۽ قانون جي بالادستي طرف وڃي رهيو آهي. بلاول ڀٽو جي تازي انٽرويو بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ميان صاحب ڳالهيون پوءِ ڪيون پر ثبوت عوام جي سامهون پاڻ آيا آهن جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو هڪ پنهنجو موقف آهي. مسلم ليگ(ن) جو پنهنجو موقف اهي جيڪو ميان صاحب واضح ڪري ڇڏيو آهي.  ڪراچي واقعي تي فوج جي ڪورٽ اف انڪوائري بابت هن چيو ته ان معاملي تي پريس ريليز سان عوام کي جواب نه ملندو پر وڌيڪ سوال  اٿاريا ويا آهن. هن چيوته ادارن جو ڪم جذبات سان ناهي. هنن جو ڪم آهي پنهنجي آئيني ۽ پيشوارانه ذميواريون نڀائڻ، ان ۾ جذبات جو ڪوبه عمل دخل ناهي ۽ جيڪڏهن واقعي ڪنهن اهو جذبات ۾ اچي ڪيوآهي ته اهو اداري جي لاءِ ۽ پاڪستان جي لاءِ فڪر جوڳو عمل آهي. مان سمجهان ٿي ته ائين ناهي ٿيو ڪجهه جونيئر آفيسرن کي قرباني جو ٻڪرو بنايو ويو آهي جيڪو غلط آهي. مريم نواز چيو ته هن حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گناهه آهي  ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ عمران خان ۽ حڪومت کي گهر موڪلڻو پوندو ۽ نيون صاف شفاف  چونڊون ڪرائڻ گهرجن.

Read Previous

متحده باني جو نالو انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل

Read Next

پاڪ فوج ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي، سندن حمايت جاري رهندي: آرمي چيف

Most Popular