پنوعاقل : چونگاھ چوڪ ڀرسان ڪوچ جو ڊاٽسن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوُران ڪوچ ڪلٽي 9 مسافر زخمي

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) پنوعاقل جي چونگاھ چوڪ ڀرسان موٽروي تي ملتان کان مسافرن سان ڀريل هڪ ڪوچ جيڪا ڪراچي وڃي رهي هئي ته ڪوچ جي سامهون اوچتو ڊاٽسن اچي وئي ڪوچ ڊرائيور ڊاٽسن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوُران ڪوچ ڪلٽي ٿي ڪري پئي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار 9 مسافر نويد احمد، اجيب الله، مائي حاجران، ذيشان حيدر، نبي بخش، فاروق حيدر، احمد جان، محمّد مرزا  سخت زخمي ٿي پيا ريسڪيو ٽيمون چونگاھ چوڪ حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي پنوعاقل ۽ سکر سول اسپتال ڏانهن اماڻيو ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ واري حادثي ۾ ٻين زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي سڀني زخمي مسافرن جو تعلق ڪراچي ۽ ملتان پنجاب واري علائقي سان هو پنوعاقل بائجي پوليس پهچي ٻين مسافرن کي مختلف گاڏين تي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو

Read Previous

ٺٽو: شهر ۾ معصوم ٻارڙن تي ڇتي ڪُتي جا حملا، ڏاڙهي سخت زخمي، انصاف جي اپيل

Read Next

صوبائي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ عوامي مسئلن طرف ڌيان نه هجڻ سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن : مبين احمد جتوئي

Most Popular