قاضي احمد : سرڪاري اسپتال ۾ اڳوڻي ضلع چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ پاران مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي

قاضي احمد  رپورٽ علي نواز جتوئي) : قاضي احمد سرڪاري اسپتال ۾  اڳوڻي ضلع چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ پنهنجي والده ماجده جي روح کي ايصال ثواب پھچائڻ لاء مفت اکين جي ڪيمپ اڄ کان  بيروز خميس جمع ۽ ڇنڇر تائين  شروع ٿي ويئي آھي  جنهن ۾ مفت اکين جا آپريشن ڪيا ويندا وڏي انگ ۾ اکين جي نور کان محروم مرد توڙي عورتون ڪيمپ تي پهتل آھن جڏھن ته سردار ڄام تماچي انڙ پڻ اکين جي ڪيمپ تي پهچي جائزو ورتو ,مذڪوره اکين جي ڪيمپ لاڳاتار 3 ڏھاڙا جاري رهندي ,, ڪئمپ ۾ صبح ساڻ قاضي احمد شھر توڙي پسگردائيءَ جي بي پھچ مريضن پھچي پنهنجي اکين جي نور لاءِ ماهر ڊاڪٽرن کان چيڪ اپ ڪرائي رهيا آهن. ڪئمپ ۾ اکين جا مفت آپريشن پڻ ڪيا پيا وڃن. ياد رهي ته 1980ع کان انسانيت سان پيار ڪندڙ انسان دوست سردار ڄام تماچي انڙ پاران مفت اکين جون ڪئمپس لڳايون پيون وڃن.

Read Previous

سالياني ايوارڊ تقريب ڪرونا وبا جاکوڙين لاءِ اعزاز ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي دستار بندي

Read Next

احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ٻن اڳوڻن ٽي ايم اوز کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

Most Popular