وفاقي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن،ايندڙ وقت پيپلزپارٽي ۽ عوام جو آهي : ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني

خيرپور ( ڊر ) پيپلزپارٽي پارليمينٽرين جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري،ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي، وفاقي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن،ايندڙ وقت پيپلزپارٽي ۽ عوام جو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تڪ جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني  تڪ جي مختلف علائقن ۾ فوت ٿي ويل پارٽي ڪارڪنن جي وارثن سان تعزيت ڪري دعا گهري،سيده نفيسه شاهه ڳوٺ وارث ڳنڀير ۾ فوت ٿيل جانب علي ڳنڀير، ڳوٺ خيرمحمد ڪلهوڙو ۾ فوت ٿيل اليڪشن ڪميشن جي صوبائي آفيسر مرحوم اميربخش عباسي  جي وارثن، ڳوٺ محمد حيات شيخ ۾ اڳوڻي ڪائونسلر فرمان علي شيخ جي پٽ جي وفات تي سندن وارثن سان تعزيت ڪري ڏک ونڊيو، جڏهن ته ڳوٺ امام بخش ڪلهوڙو ۾ شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر احمد علي ڪلهوڙو سان سندس امڙ جي وفات تي وفات تي تعزيت ڪئي،يونين ڪائونسل ميهر علي ۾ بشير احمد شيخ سان سندس گهرواريءَ جي وفات تي ،مبارڪ علي مگسي سان سندس امڙ جي وفات تي،  امتيازعلي سومرو سان سندس سئوٽ ۽ نورمحمد سومرو سان سندس ڀاءُ جي وفات تي  فاتحه خواني ڪري ڏک ونڊيو، ان موقعي تي سيده نفيسه شاهه چيو ته ڪارڪنن پارٽي جو سرمايو آهن، ڪارڪنن سان ڏک ۽ سک ۾ گڏ رهڻ واري واعدي تي قائم آهيان پيپلزپارٽي جو اصل سرمايو عوام آهي ،

Read Previous

چيئرمين هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي انساني حقن جي ڪيمشن جي وفد سان خيرپور پهچي وئي

Read Next

ڪنڌرا : ڳوٺ ٺٽ جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل ڪنهن وقت به جاني نقصان جو خدشو

Most Popular