ضلعي انتظاميه سکر پاران 30 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ضلعي ۾ 30 نومبر کان پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا پيئارڻ جي مهم شروع ٿيندي، جيڪا 6 ڊسمبر 2020 تائين جاري رهندي، هن مهم ۾ 3 لک 34 هزار 908 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا پيئاريا ويندا. پوليو مهم جي انتظامن ۽ گذريل پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس روم ۾ پوليو جي خاتمي واري ضلعي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر سکر جي طرفان اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي نبيل احمد ساند ڪئي. اجلاس ۾ ڊي ايڇ او سکر، ميونسپل، سوشل ويلفيئر، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن توڙي ڊي پي سي آر ميمبرن شرڪت ڪئي. اسسٽنٽ ڪمشنر نبيل احمد هدايت ڪئي ته گذريل مهم جي ڪارڪردگي کي ڏسندي ايندڙ مهم ۾ انتظام وڌيڪ بهتر ڪيا وڃن ته جيئن نتيجا سٺا اچي سگهن. هن يو سي ايم اوز ۽ فوڪل پرسن کي پنهنجي ذميواري بهتر نموني نڀائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه سکر فيصلو ڪيو آهي ته سمورين پوليو ٽيمن جي تربيت ضروري آهي تنهنڪري جيڪو به ٽيم ميمبر ٽريننگ ۾ حصو نه وٺندو اُهو فيلڊ ۾ نه ويندو. هن هدايت ڪئي ته پوليو مهم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اسسٽنٽ ڪمشنر ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي ته سکر شهر جي يوسي ايم اوز سان ڌار اجلاس ڪيو وڃي ته جيئن مسئلن جي حل ۾ مدد ملي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي. ڊي ايڇ او سکر ٻڌايو ته هن ڀيري ضلعي سکر ۾ پوليو مهم دوران 3 لک 34 هزار 908 جو ٽارگيٽ مقرر آهي جڏهن ته 905 موبائيل ٽيمون، فڪسڊ پوائنٽس 87 ۽ سفري پوائنٽس لاءِ 52 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن.

Read Previous

ميهڙ : شھر فريدآباد روڊ وٽ وحدت ڪالوني ۾ نوجوان ناري شازيا خاصخيلي گهر اندر پراسرار نموني مبينا پسٽل جي گولي لڳڻ باعث فوت ٿي وئي آھي

Read Next

مٽياري : سمان برادري جي ماڻهن پاران عمر ڪوٽ ۾ مارجي ويل شوڪت سمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Most Popular