ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ سان فرق نه پوندو، موجوده حڪومت کي گهر موڪلي رهنداسين: مريم نواز

مريم نواز

لاهور:   مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽد حڪومت جيتري به مرضي هٿڪنڊا استعمال ڪري پر ڪارڪنن جي جذبن کي دٻائي نٿو سگهجي  ملتان مان(ن) ليگ جي اڳواڻ عبدالغفار ڊوگر جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي مريم نواز چيوته عبدالغفار جو ڏوهه اهو آهي ته هن نوازشريف جي بيانيي جو علم بلند ڪيو هو.  هن چيو ته حڪومت کي ايترو ڊپ آهي ته هر جلسي کان اڳ اڳواڻن مٿان ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويندو آهي پر هاڻ حڪومت کي گهر وڃڻو ئي پوندو. مريم نواز چيو ته ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽڊ حڪومت جيتري مرصي اوچا هٿڪنڊا استعمال ڪري پر ڪارڪنن جي جذبي کي دٻائي نٿو سگهجي. ياد رهي ته اينٽي ڪرپشن پنجاب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عبدالغفار ڊوگر کي ملتان مان ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Read Previous

کنڊ، مني لانڊرنگ ڪيس: جهانگير ترين، علي ترين ۽ شهباز شريف جي پٽن خلاف ڪيس داخل

Read Next

ٽرمپ ڪيترائي سال پراڻي اليڪشن فراڊ جي خبر ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏي

Most Popular