ٽرمپ ڪيترائي سال پراڻي اليڪشن فراڊ جي خبر ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏي

Trump

واشنگٽن: آمريڪي صدر اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ مسلسل ڌانڌلي جا الزام هڻي رهيو آهي جڏهن ته اليڪشن عملدار ان جي ترديد ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن آمريڪا جي وفاقي اليڪشن عملدارن ٽرمپ جي الزامن جي ترديد ڪئي ۽ چونڊن کي تاريخ جي محفوظ چونڊ قرار ڏنو. پر امريڪي صدر هاڻ به ضد تي آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ هن جا ووٽر چورايا ويا. صدر ان حوالي سان آمريڪا ۾ 1994 دوران چونڊ فراڊ بابت شايع ٿيل خبر ٽوئيٽ ڪئي آهي، گڏ هن اهو به لکيو ته بلڪل اهوئي ڪجهه اسان سان ٿي رهيو آهي.

Read Previous

ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ سان فرق نه پوندو، موجوده حڪومت کي گهر موڪلي رهنداسين: مريم نواز

Read Next

پي ايس ايل پنج: لاهور قلندر پشاور زلمي کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular