زوم صارفين جي لاءِ وڏي خوشخبري

لنڊن:   وڊيو ڪانفرنس ڪالنگ جي مشهور ترين ايپ زوم پنهنجي صارفين جي لاءِ 26 نومبر تي وڊيو ڪالنگ جي 40 منٽن جي حد کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب زوم پنهنجي صارفين کي وڊيو ڪانفرنس ڪالنگ جي دوران 40 منٽن جي ڪال جو سيشن فراهم ڪندي آهي ۽ 40 منٽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪال پاڻمرادو ڊسڪنيڪٽ ٿي ويندي آهي. پر هاڻ ٿينڪس گورنگ ڊي جي مناسبت سان زوم 26 نومبر جي ڏينهن دنيا جي صارفين لاءِ وڊيو ڪالنگ جي لاءِ 40 منٽ جو دورانيو ختم ڪري ڇڏيو آهي.  ڪمپني جو چوڻ آهي ته 26 نومبر تي صارفين زوم تي جيتري مرضي چاهي ڊگهي ڪال ڪري سگهن ٿا ۽ 40 منٽ مڪمل ٿيڻ باوجود ان جي ڪال کي ڊس ڪينيڪٽ نٿو ڪري سگهجي.  ياد رهي ته عالمي وبا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ لاڪ ڊائون سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجي آفيس وارا معاملا گهر تي ادا ڪري رهيا آهن. وبا دوران وڊيو ڪانفرنس ڪالنگ ايپ زوم کي سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويو آهي.

Read Previous

پي ايس ايل پنج: لاهور قلندر پشاور زلمي کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

اداڪاره ۽ ماڊل سائره يوسف کي بولڊ فوٽوشوٽ ڪرائڻ مهانگو پئجي ويو، مداحن پاران سخت تنقيد

Most Popular