تعليمي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ امڙ اسڪول وين هلائيندي هئي: عائشه عمر جو انڪشاف

لاهور:    ملڪ جي خوبصورت اداڪاره ۽ ماڊل عائشه عمر انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجا تعليمي خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ امڙ اسڪول وين هلائيندي هئي جلد شادي ڪرڻ جو سوچي رهي آهيان.  مشهور ڊرامي(بلبلي) مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪاره عائشه عمر پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي مشڪل ترين ڏينهن بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته جڏهن منهنجي عمر ڏيڍ سال هئي ته والد جو جو انتقال ٿي ويو هو. جنهن کان پوءِ امڙ مون کي ۽ ڀاءُ کي اڪيلو پاليو هو. اداڪاره ٻڌايو ته اسان وڏا مشڪل سال ڏٺا آهن جنهن وقت پيءُ  فوت ٿيو ان وقت امڙ جوان هئي پر هن اسان جي ڪري وڏي قرباني ڏني ۽ شادي نه ڪئي.  عائشه عمر ٻڌايو ته والد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ امڙ ڪراچي کان لاهور منتقل ٿي وئي ته جيئن هو پيءُ جي فوتگي جي ڏک مان ٻاهر اچي سگهي. اسان ٻنهي ڀيڻ ڀائرن تعليم به لاهور ۾ حاصل ڪئي امڙ جو شروع کان صرف هڪ ڳالهه تي فوڪس هو ته اسان کي سٺي تعليم ملي. اداڪاره پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته اسان جنهن اسڪول ۾ داخلا ورتو اتان جي فيس ۽ ٻيا خرچ تمام گهڻا هئا جيڪي اسان برداشت نٿي ڪري سگهياسين پر امڙ ٽيوشن پڙهائيندي هئي. ٽيچنگ ڪئي ۽ ايستائين جو اسڪول وين به هلائي پوءِ پئسا جوڙي اسان جي تعليمي خرچ پورا ڪيا.  هن ٻڌايو ته امڙ لاهور ۾ 12 سال اسڪول وين هلائي هئي تڏهن وڃي اسان ٻنهي ڀيڻ ڀائرن سٺي تعليم حاصل ڪئي. امڙ هڪ اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي ان کان علاوه ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ ان وٽ وقت نه هو ان لاءِ هن  ساڳئي اسڪول جي ٻارن کي  کڻڻ ۽ ڇڏڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ائين هن اسان جا تعليمي خرچ ۽ گهر جا خرچ پورا ڪيا.  شادي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ عائشه عمر ٻڌايو ته منهنجي زندگي ۾  ڪو هو جنهن کي مان پسند ڪندي آهيان پر ان وقت امڙ ۽ ڀاءُ جي ذميواري هئي ته مون ان لاءِ وڌيڪ نه سوچيو پر هاڻ فيملي شروع ڪرڻ جي حوالي سان سوچي رهي آهيان.

Read Previous

سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

ايل اين جي ڪيس: شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل مٿان فرد جرم لاڳو

Most Popular