پي ٽي آءِ جي سوڀ گلگت جي عوام جو وزيراعظم جي قيادت تي اعتماد جو اظهار آهي: شبلي فراز

اسلام آباد:   وفاقي وزير شبلي فراز چيو  آهي ته گلگت بلتستان جي عوام(ن) ليگ جو بيانيو رد ڪري ڇڏيو اهي. شهرين وزيراعظم جي نظريي جي صداقت  کي تسليم ڪري ورتو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي سوڀ گلگت بلتستان جي عوام جو وزيراعظم جي قيادت تي اعتماد جو اظهار آهي. ان حوالي سان وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته گلگت بلتستان مريم نواز  ۽ نواز جو ملڪ دشمن بيانيو دفن ڪري ڇڏيو آهي. عوام وزيراعظم عمران خان تي پنهنجو اعتماد واضح ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته گلگت ۾ به پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ به ڪرپشن جو بازار گرم  ڪري رکيو هو. سنڌ جي وسيلن کي گلگت بلتستان جي اليڪشن ۾ استعمال ڪيو ويو.  خاص معاون ذوالفي بخاري خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جي بي جي عوام عمران خان سان گڏ بيٺل آهي.  جي بي چونڊن ۾  وڏي اڪثريت سان پي ٽي آءِ کي ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته آزاد اميدوارن جي ڪاميابي سان پي ٽي آءِ کي ڪوبه ڊپ ناهي. آزاد اميدوار پي ٽي آءِ سان گڏ آهن. ياد رهي ته غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف ، پيپلز پارٽي ، مسلم ليگ(ن) 2، آزاد اميدوار 7 ۽ ايم ڊبليو ايم هڪ سيٽ کٽي آهي.  ٻئي طرف مسلم ليگ(ن)، پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام گلگت بلتستان جي چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته پي ٽي اءِ کي ملندڙ سيٽون سليڪٽرز جون مهربانيون آهن.

Read Previous

ايل اين جي ڪيس: شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل مٿان فرد جرم لاڳو

Read Next

مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائي ڇڏيو

Most Popular