مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائي ڇڏيو

مريم نواز

لاهور:   مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ملندڙ سيٽون سليڪٽرز جا ٿورا آهن.  مريم نواز چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جو نه اڳ ۾ وجود هو ۽ نه هاڻ آهي. گلگت بلتستان جي بهادر ماڻهن هن ڌانڌلي ۾ همت ناهي هاري، واريءَ جي ڀت ڪرڻ واري آهي.  هن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کي خيرات ۾ ملندڙ ڪجهه سيٽون مسلم ليگ(ن) کان ٽوڙيون ويون. اميدوارن ۽ سلڪيٽرز جي ٿورن جي ڪري آهن. وفاق ۾ موجود حڪمران پارٽي کي پهريون ڀيرو هتي اهڙي شڪست ملي آهي جو اها شڪست ايندڙ ڏينهن جي ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهي. (ن) ليگ جي نائب صدر الزام لڳايو ته پنجاب ۽ وفاق سادي اڪثريت نه ملڻ باوجود بيساکيون فراهم ڪري حڪومت ته ٺهرائي ڇڏي پر انهي شيشي ۾ پنهنجو چهرو ضرور ڏسو جيڪو گلگت بلتستان جي عوام اوهان کي ڏيکاريو آهي. مريم نواز چيو ته سموري رياستي طاقت، حڪومتي ادارن، سرڪاري مشينري جو زور زبردستي ۽ جبري ڌانڌلي جي باوجود سادي اڪثريت به حاصل نه ڪرڻ شرمتناڪ شڪست آهي. شڪست کائيندڙن کي(لوٽا پارٽي) کان ٻيڻين سيٽن جو ملڻ ڪٺ پتلي تي عوام جي بي اعتمادي آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي حڪومت تي جي بي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳايو. هن چيو ته جي بي اليڪشن 15 آگسٽ تي ٿيڻي هئي پر اها چونڊ 3 مهينن جي دير سان ڪئي وئي ته جيئن حڪومت کي ڌانڌلي جي لاءِ وقت ملي سگهي. شاهد خاقان چيو ته تحريڪ انصاف جا اهي ماڻهو جن کي ڪوبه سڃاڻيندو نه هو اهي ڪامياب ٿيا. ڌانڌلي جي باوجود اڄ گلگت جو مستقبل به اونداهو اهي.

Read Previous

پي ٽي آءِ جي سوڀ گلگت جي عوام جو وزيراعظم جي قيادت تي اعتماد جو اظهار آهي: شبلي فراز

Read Next

تعليم وارن وزيرن جو اجلاس: تعليمي ادارن جي بندش جو فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي

Most Popular