نيوسعيدآباد ڀرسان گذرندڙ شاخ راھوجا موري کان ٽگھاٽي موري تائين جي ڪپرن تي ٽائون انتظاميا پاران شھر جو گڏ ڪيل گند اڇلايو پيو وڃي

نيو سعيدآباد ( رپورٽ جبار عمراڻي   ) نيوسعيدآباد ڀرسان گذرندڙ شاخ راھوجا موري کان ٽگھاٽي موري تائين جي ڪپرن تي ٽائون انتظاميا پاران شھر جو گڏ ڪيل گند اڇلايو پيو وڃي قبرستان کان وٺي شاخ جي ڪپرن جنهن ۾ اردو پرائمري اسڪول ۽ رھائشي علائقن جي ماڻهن کي تمام گهڻي تڪليف اچي رھي آهي جڏنھن  ته شھر واسين پاران منع ڪرڻ باوجود ٽائون انتظاميا ڪچرو اڇلڻ بند نه ڪيو رھائشين ظفر چنا ممتاز علي حاجاڻون سائين زمان شاھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ڪيترا ڀيرا منع ڪرڻ باوجود ٽائون جو گند اسان جي گھرن ڀرسان گذرندڙ شاخ جي ڪپرن تي اڇلائي اسان کي بدبوء ۽ بيمارين جي منھن ۾ ڌڪيو پيو وڃي اسان جا معصوم ٻار ان ڪچري ۾ راند کيڏن ٿا جنهن ۾ ٽٽل شيشا پڻ ھجن ٿا ان ڪري ڪيترا دفعا معصومن جا پير زخمي ٿي پيا آهن جڏنھن ته گندگي ۽ بدبوء سبب بيماريون جن ۾ ڊائريا چمڙي جون مختلف بيماريون پکڙجي رھيون آھن شاخ جو گندو ۽ زھريلو پاڻي پيئڻ سبب چوپايو مال پڻ مري رھيو آهي مگر اسان جي ھڪ نٿي ٻڌي وڃي جڏنھن ته واٽر ڪميشن جي امير مسلم ھاني جي دوري بعد سخت ھدايتن باوجود ڪو به فرق نه پيو مسلسل شھر جو ڪچرو ۽ گندو پاڻي شاخ ۾ اڇلايو پيو وڃي علائقي واسين چيو ته شھر جو ڪچرو شاخ جي ڪپرن تي نه اڇلايو وڃي ھنن وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ مڪاني خاتي جي منسٽر  واٽر ڪميشن ۽ ايريگيشن جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

Read Previous

شھر ۾ 50 ھزار آبادي رکندڙ جھول بوائز هاءِ اسڪول/ ڪاليج جو درجو حاصل آهي

Read Next

مورو اسسٽنٽ ڪمشنر جو پوليس ۽ ميونسپل عملي جي مدد ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين خلاف سخت آپريشن

Most Popular