تلھار ۾ گئس جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ مسلسل گھٽ پريشر سبب شھري سراپا احتجاج

تلھار (رپورٽ ) تلھار ۾ گئس جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ مسلسل گھٽ پريشر سبب شھري سراپا احتجاج بک ھڙتال جي ڪئمپ پڻ قائم سوئي سدرن گئس عملدران خلاف سخت نعريبازي شٽرڊائون ھڙتال جو شھرين پاران چتاء تفصيل موجب تلھار ۾ مسلسل گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر ڪري اڪثر رڌ پچاء ۾ شھرين کي ڏکيائون پيش اچڻ خلاف شھرين جو احتجاج شھرين پاران بک ھڙتال جي ڪئمپ پڻ قائم شھري نواز جتوئي جي سڏ تي،آل واپاري ايسوسيشن جو صدر راجا وسيم خواجه،پ پ پ شھيد ڀٽو تعلقي اڳواڻ مصطفي گاڏاھي،عوامي پريس ڪلب جو سينئير صحافي مظفر علي شاھ بخاري،پ پ اڳواڻ حق نواز لاشاري،واپاري اڳواڻ امجد خواجه،حاجي موسي کٽي،عرس ڪڇي،سليم خاصخيلي،ريحان ميمڻ،۽ ٻيا شھري پڻ شريڪ ٿيا ان سلسلي ۾ شھرين غلام نبي شاھ،محمد رمضان ملاح ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته مسلسل گئس جي لوڊ شيڊنگ صبح کان 2 بجي تائين گئس اڻلڀ ٿي ويندو آھي جڏھن ته شام جو 6 وڳي کان وٺي رات 8 وڳي تائين گئس جي فراھمي بنڌ رھي ٿي ۽ گھٽ پريشر سبب گھرن ۾ رڌپچاء لا۽ عورتن کي تمام گھڻو ڏکيائون پڻ پيش اچڻ ٿيون صبح جو اسڪولي ٻارڙن لا۽ ناشتو نه ٿيڻ سبب معصوم ٻارڙا بکيو پيٽ اسڪول ويندا ھليا آھن جڏھن ته سوئي سدرن گئس تلھار جي آفيس ۾ آفيسر عملي کي ڪافي ڀيرا شڪايتون پڻ نوٽ ڪرايون آھن انجي باوجود به ڪو به نوٽس ناھي ورتو ويو شھرين سوئي سدرن گئس جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته اسانجي شھر ۽ راڄوخاناڻي ۾ گئس جي سپلا۽ کي بحال ڪرائي لوڊ شيڊنگ ختم ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ شھر ۾ شٽرڊائون ھڙتال پڻ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو

Read Previous

مورو اسسٽنٽ ڪمشنر جو پوليس ۽ ميونسپل عملي جي مدد ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين خلاف سخت آپريشن

Read Next

خيرپور : ڳوٺ صدورو جانوري جي رهواسي 4 ساله معصوم نينگر سان ڏاڍائي خلاف سندس وارثن ريلي ڪڍي وئي

Most Popular