دادو جي صدرسٽي ڪالوني جي بلڊر۽ پوليس اھلڪارخلاف ڪورائي برادري جو دادوپريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو

دادو ( ڊ ر )دادو جي صدرسٽي ڪالوني جي بلڊر۽ پوليس اھلڪارخلاف ڪورائي برادري جو دادوپريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري بااثرن خلاف سخت نعري بازي ڪئي.مظاھرين صدرعلي اصغر ڪورائي.غلام عباس ڪورائي. منظور.طالب. ڪاشف. عبدالحڪيم ۽ ٻين ميڊياآڏودانھيو ته عباس ڪورائي 2011 م 18 سئو فوٽ پلاٽ صدر سٽي ۾ بلڊر قاسم زئونرکان خريد ڪيوپلاٽ جي رجسٽري ڪرائي ڏني.ھاڻي منھنجو پلاٽ پوليس اھلڪارادريس لنڊ کي وڪروڪري ڇڏيوآھي.با اثرمارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھي آھي.سندن خلاف عدالت جو درکڙڪايوعدالت پلاٽ تي ھلندڙ تعميراتي ڪم روڪڻ جوحڪم ڏنوان باوجود پوليس اھلڪار پلاٽ تي تعميراتي ڪم ڪرائي رھيو آھي. مظاھرين سيشن جج دادو آءِ جي سنڌ.ڊي آءِ جي حيدرآباد.ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کان مطالبوڪيوآھي ته فوري طورقبضا مافياخلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪري تحفظ ڏنووڃي ٻي صورت ۾ ڪورائي برادري سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلوشروع ڪيو ويندو.

Read Previous

سڪرنڊ بينظير ڊسٽرڪٽ اسڪول سڪرنڊ جي پرنسپال ميڊم مسرت منظور چوهاڻ چيو آهي ته بي ڊي ايس جي تعليم منفرد تعليم آهي

Read Next

ڪشمور پريس ڪلب آڏو ٺل جي شھرين عليشا زيادتي واقعي خلاف ھٿن ۾ عليشا جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو

Most Popular