اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڪستان مٿان ڪو به دٻاءُ ناهي:پرڏيهي وزارت

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڪستان مٿان دٻاءَ واريون ميڊيا جون رپورٽس جي ترديد ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ بابت وزيراعظم تي آمريڪي دٻاءَ جون خبرون من گهڙت آهن، وزيراعظم واضح ڪري چڪو آهي ته فلسطين جي مسئلي کي حل ڪرڻ تائين اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري سگهان. ترجمان چيو ته وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پاليسي قائداعظم جي وزن تي ٻڌل آهي، وزيراعظم جي واضح موقف کانپوءِ بي بنياد قياس ڪرڻ جي گنجائش ناهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان 1967 کان پهريان جي سرحدن ۽ دارالحڪومت القدس تي ٻڌل فلسطين جو حامي آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي جي قرادادن ۽ عالمي قانون جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. ياد رهي ته بحرين، متحده عرب امارات ۽ سوڊان اسرائيل سان لاڳاپن واري معاهدي تي صحيحون ڪري چڪا آهن. 

Read Previous

پاڪستان سپر ليگ فائنل: ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز اڄ مهاڏو اٽڪائيندا

Read Next

افغان صوبي بدخشان ۾ طالبان جو حملو، ٻارنهن پوليس اهلڪار مارجي ويا

Most Popular