ڪورونا وائرس جا ڪيس ملڪ ۾ تيزي سان وڌڻ لڳا، 33 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:   ملڪ ۾ ڪروونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 29 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 33 ڄڻا ڪورونا سبب حياتيون وڃائي ويٺا آهن.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2 هزار 050 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 61 هزار 082 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 29 هزار 055 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 24 هزار 834 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 33 فوتگيون رپورٽ ٿيون. جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ 7 هزار 193 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 56هزار 520، پنجاب ۾ هڪ لک 11 هزار 047، خيبرپختونخواهه 42 هزار 615، اسلام آباد ۾ 24 هزار 444، بلوچستان ۾ 16 هزار 449، آزاد ڪشمير 5 هزار 538 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 461 ٿي ويو آهي.

Read Previous

افغان صوبي بدخشان ۾ طالبان جو حملو، ٻارنهن پوليس اهلڪار مارجي ويا

Read Next

اڳوڻي مڙس پاران وينا ملڪ مٿان اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ جو الزام

Most Popular