مخالف ڌر مڃي يا نه مڃي گلگت جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر مڃي يا نه مڃي  گلگت جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مخالف ڌر پارٽين جي شڪست تي سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي تبصرو ڪندي چيو ته شڪست مڃڻ جي لاءِ به ظرف جي ضرورت هوندي آهي.هن چيو ته بدترين شڪست کان پوءِ مخالف ڌر مڃي يا نه مڃي پر گلگت بلتستان جي عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽  شڪست کاڌل مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري تاريخي شڪست تي ماتم ڪري رهيا آهن.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪير هنن کي سمجهائي ته صرف اهي .ئي چونڊون شفاف ناهن هونديون جنهن ۾ اوهان کٽيو. اوهان حوصلو ڪريو ۽ ووٽ کي عزت ڏيو.  ياد رهي ته گذريل ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي. ڌانڌلي جي خلاف اليڪشن ڪميشن وينداسين ۽ چوري ڪيل سيٽون واپس وٺنداسين.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جو ٿورائتو آهيان گلگت بلتستان جي عوام چاهي ٿي ته جمهوريت اڳيان وڌي.  اڳ به ٻڌايو هو ته پيپلز پارٽي جي خلاف ڪوششون جاري آهن. اسان اجازت نه ڏينداسين ته  وڙهو ۽ حڪومت ڪريو جو طريقو اپنايو وڃي.

Read Previous

اڳوڻي مڙس پاران وينا ملڪ مٿان اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ جو الزام

Read Next

سنڌ جي تعليم کاتي جو سياري جون موڪلون نه ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular