مٽياري ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي مٽياري جي اڳواڻ پير عبدالوهاب جان سرھندي جي گھر واري ڪجھ عرصي کان بيماري سبب وفات ڪري وئي

مٽياري ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي مٽياري جي اڳواڻ پير عبدالوهاب جان سرھندي جي گھر واري ڪجھ عرصي کان بيماري سبب وفات ڪري وئي، مرحومہ جي جنازي نماز مٽياري جي بزرگ ھستي آغا عبدالرحيم المعروف درگاھ پير سرھندي جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي سماجي شخصيتن کان علاوه صحافين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز ۾ درگاه پير سرهندي جي سجاده نشين پير غلام مجدد سرھندي ،اڳوڻي صوبائي وزير سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ ،درگاھ کھڙا شريف جي سجاده نشين پير مخدوم نديم ھاشمي، علامہ پير مجيب اللہ جان سرھندي، پ پ ضلعي صدر سيد علي حسين شاھ ڄاموٽ ، مٽياري شگر مل جي جنرل مينيجر سيد جنيد اڪبر شاھ ، پير شفيق احمد اشرفي،اڳوڻي ايم پي اي پير امير علي شاه هاشمي، پير عمر جان سرھندي، پير امان الله جان سرھندي، سيد يار محمد شاھ، پير نثار جان سرھندي، پير عبدالنبي جان سرھندي، پير دستگير جان سرھندي، پير بھاءالدين سرھندي ،مفتي عبدالحلیم جان سرھندي، پير علي شير سرھندي،شاھنواز ساند سميت ڪيترن ئي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سجاده نشين ھائوس درگاھ پير سرھندي تي مرحومہ جي وارثن سان مختلف سياسي سماجي شخصيتن جي تعزيت جو سلسلو جاري آهي،،

Read Previous

موٽروي پوليس طرفان مسافرن ۽ ڊرائيورن ۾ روڊ سيفٽي متعلق اگاھي مھم

Read Next

ايريگيشن روهڙي ڊويزن مورو جو اڪائونٽس ڪلارڪ ڪروڙين روپين جي ملڪيت جو مالڪ هجڻ جو انڪشاف

Most Popular