نيوسعيدآباد: پي ٽي آ۽ ضلعي مٽياري جي صدر حسين ميمڻ ۽ ٻين عھديدارن جي ھنگامي پريس ڪانفرنس

نيوسعيدآباد :  نيوسعيدآباد تعلقا پريس ڪلب ۾ پي ٽي آ۽ ضلعي مٽياري جي صدر حسين ميمڻ ۽ ٻين عھديدارن سيد شاه زمان شاه لڪياري, حاڪم کوکر, ميرمحمد جمالي ۽ شاھنواز جمالي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته نيوسعيدآباد ۾ احساس ڪفالت پروگرام سينٽر اندر پ پ پ جا اڳواڻ صبح سوير اچن ٿا ۽ سينٽر اندر داخل ٿي مسڪين عورتن ۽ مردن جا حق غضب ٿا ڪن, مذڪوره سينٽر شھر کان ھڪ ڪلوميٽر پري يونين ڪائونسل پيرجھنڊو(فقيرآباد) جي آفيس ۾ سياسي بنيادن تي قائم ڪيو ويوآھي, ھن چيو ته احساس ڪفالت سينٽر نيوسعيدآباد قومي شاھراه جي ڪپ سان خطرناڪ موڙ تي قائم ھئڻ جي نتيجي ۾ سينٽر اندر روڊ ڪراس ڪري ويندڙ مسڪين عورتن,مردن,لا۽ خطرناڪ ثابت ٿيو آھي,جتي روزانا تيز رفتار ٽريفڪ جا حادثا  ٿيندا آھن, اڄ اڱاري جي ڏينھن نيوسعيدآباد شھر جي ھڪ مسڪين 60 ورھين جي عورت سينٽر ڏانھن وڃڻ لا۽ خطرناڪ روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار مسافر ڪوچ جي ٽائرن ھيٺان اچڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي آھي, ھنن پ پ پ جي ڪجھ مخصوص  مقامي ڪارڪنن مٿان الزام ھنيو آھي ته اھي احساس ڪفالت پروگرام سينٽر جي انچارج سان ساز باز ڪري پئسن عيوض ٽوڪن وڪرو پيا ڪن, ھن چيو ته قومي شاھراه تي خطرناڪ بنجي ويل احساس ڪفالت سينٽر کي اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد زاھد جوڻيجو فوري طور ڪارروائي ڪري شھر اندر قائم مخدوم طالب المولا آڊيٽوريم ھال ۾ منتقل ڪرڻ جون ھدايتون ڪيون آھن پر نادره ۽ احساس ڪفالت پروگرام جا عملدار اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد جي ھدايتن کي نظرانداز پيا ڪن, ھنن چيئرمين نادره ۽ احساس ڪفالت پروگرام  ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو کي مداخلت ڪري احساس ڪفالت سينٽر کي يوسي پيرجھنڊو(فقيرآباد) مان آڊيٽوريم ۾ منتقل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي ۽ سينٽر اندر غيرواسطيدار سياسي ماڻھن جي داخلا تي بندش وڌي وڃي,

Read Previous

نوشهروفيروز لڳ ٻن روڊ حادثن ۾ 1 ڄڻو فوت جڏهن ته هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Read Next

صحت مند معاشري لاءِ راندين جون سرگرميون ڪرڻ انتهائي سٺو سنوڻ آهي : صوبائي اڳواڻ سيد شفقت شاهه

Most Popular