اسرائيلي جهازن جا شام تي حملا، ٽي فوجي مارجي ويا

دمشق: اسرائيلي هوائي جهازن شام تي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 3 شامي فوجي مارجي ويا. عرب خابرو اداري موجب اسرائيلي جي هوائي حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي فوجي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جهازن اتر سرحد سان ملندڙ بارودي مواد کانپوءِ انتقامي طور تي ڪارروائي ڪئي وئي. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج شام ۾ ڪارروائي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي ويڙهاڪ جهازن رات جو ايراني قدوس ۽ شامي فوج سان تعلق رکندڙ فوجي هدف کي نشانو بڻايو. اسرائيلي فوج جو چوڻ هو ته حملن ۾ گودام، ملٽري ڪمپائونڊ ۽ شام جي زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائلن جي بيٽرين کي نشانو بڻايو. اسرائيلي فوجي عملدارن جي دعويٰ آهي ته هنن کي گولان جي پهاڙن مان آءِ اي ڊيز مليون آهن جيڪي شام ۾ ايران جي مورچابندي جو واضح ثبوت آهن.

Read Previous

ڪراچي ڪنگز جي سوڀ تي شوبز جي فنڪارن جو جشن

Read Next

لاهور قلندرز کي شڪست: ڪراچي ڪنگز پهريون ڀيرو پي ايس ايل چيمپين بڻجي وئي

Most Popular