لاهور قلندرز کي شڪست: ڪراچي ڪنگز پهريون ڀيرو پي ايس ايل چيمپين بڻجي وئي

ڪراچي:  ڪراچي ڪنگز لاهور قلندرز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پاڪستان سپر ليگ 2020 جو فائنل ميچ کٽي ورتو آهي.  نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز لاهور قلندر طرفان کٽڻ جي لاءِ ڏنل 135 رنسن جو حدف بابر اعظم جي بهترين بيٽنگ بدولت 18هين اوور ۾ ئي حاصل ڪري ورتو. ڪراچي ڪنگز طرفان بابر اعظم 63 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. شرجيل خان 13، ايليڪس بيلز 11، چيڊوڪ والٽن 22 ۽ افتخار احمد 4 رنسون ٺاهيون.  لاهور قلندرز طرفان دلبر حسين ۽ حارث رئوف ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ لاهور قلندر ڪراچي ڪنگز خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. قلندر طرفان تميم اقبال ۽ فخر زمان پهرين وڪيٽ جي لاءِ ٽيم کي 68 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي. تميم اقبال 35 رنسون ٺاهي عميد آصف جي هٿان آئوٽ ٿيو. تميم اقبال جي وڪيٽ ڪرڻ کان پوءِ قلندر جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو ۽ هڪ ٻئي پٺيان 7 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. ڪراچي ڪنگز طرفان عميد آصف، ارشد اقبال  ۽ وقاص مقصود ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان سپر ليگ 5 ۾ ڪراچي ڪنگز جي بيٽسمين بابر اعظم 59 جي اوسط سان سڀني کان وڌيڪ 473 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو اعزاز لاهور قلندر  جي شاهين شاهه آفريدي وٽ رهيو. جنهن 12 ميچن مان 19 جي اوسط سان 17 وڪيٽون ورتيون. بابر اعظم کي بهترين  بيٽسمين ۽ پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ ڏنو ويو. شاهين شاهه آفريدي کي بهترين بالر قرار ڏنو ويو. جڏهن ته فخر زمان کي بهترين فيلڊرز جو اعزاز مليو. پشاور زلمي جي نوجوان رانديگر حيدر علي کي ايمرجنگ پليئر آف دي ايئر جو ايوارڊ ڏنو ويو.

Read Previous

اسرائيلي جهازن جا شام تي حملا، ٽي فوجي مارجي ويا

Read Next

گوگل ميپس ۾ ڪورونا جي حوالي سان وڌيڪ ٽولز جو اضافو

Most Popular