پي ڊي ايم جو ايجنڊا ڪيسن کي ختم ڪرائڻ آهي: شبلي فراز

اسلام آباد:  اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته ڪيس ختم ڪرايا وڃن. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته عدليه اها آزاد مڃي ويندي جيڪا صرف اپوزيشن کي ريليف ڏئي. اليڪشنون صرف اهي آزادي مڃيون وينديون جنهن جا نتيجا انهن جي حق ۾ هوندا. شبلي فراز وڌيڪ لکيو ته اپوزيشن جو اهو مڃڻ آهي ته ڳالهه صرف اها صحيح هوندي جيڪا اپوزيشن ڪندي اها جمهوريت نه پر آمراڻو رويو آهي.  هن لکيو آهي ته فيصلا عوام کي ڪرڻا آهن ۽ ان جي فيصلن کي سياسي پارٽين کي مڃڻو آهي اهوئي آئين ۾ لکيل آهي. عمران خان ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير لکيو ته هاڻ ادارن تي ڪنهن به خاندان جي حڪومت نه هلندي. ان کان علاوه وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته گلگت بلتستان جي لاءِ ڪجهه نه ڪندڙن کي ووٽ ڪيئن ملندا.؟ شبلي فراز پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جذباتي بيان منطق  ۽ حقيقتن کان عاري آهن. مخالف ڌر کي چونڊن کان پوءِ پنهنجي شڪست کي نه مڃڻ جي روايت کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پنهنجي شڪست نه مڃڻ جو هڪ اهڙو رويو جمهوري قدم جي ابتڙ آهي. جمهوريت جو ليڪچر ڏيندڙ جمهوري طريقي تي عمل ڪن.  شبلي فراز چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا لڳائيندڙ گلگت بلتستان جي عوام جي ووٽن کي عزت ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهن. گلگت بلتستان ۾ سموري سروي پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي برتري ۽ وزيراعظم عمران خان کي مشهور اڳواڻ ڏيکاري چڪا هئا.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ تيزي: هڪ ئي ڏينهن دوران وڌيڪ 37 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Read Next

نيب احسن اقبال خلاف ڪرپشن ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو

Most Popular