ٽائون ڪميٽي ڪنڌرا وارڊ نمبر چار محلا گلاب جي گهر ۾ رکيل ڪاٺين کي اوچتو باھ، ڪنٽرول ڪري وڏي نقصان کان بچايو ويو

ڪنڌرا (رپورٽر ) ٽائون ڪميٽي ڪنڌرا وارڊ نمبر چار محلا گلاب  جي گهر ۾ رکيل ڪاٺين کي اوچتو  باھ، ڪنٽرول ڪري وڏي نقصان کان بچايو ويو تفصيل موجب ڪنڌرا شهر جي محلي گلاب ڳوٺ ۾  غلام شبير ٻرڙو ۽ عبدالغني ٻرڙو جي گهر ۾ رکيل ڪاٺين کي اوچتو باهه لڳي وئي گهر ڀاتين جي رڙين تي پاڙي وارن  وقت تي پهچي باھ کي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيو وڏي نقصان ٿيڻ کا بچائي ورتو اهي ڪاٺـيون گهر سان لڳو لڳ هيون اگر موقعي تي ماڻهو نه پهچن ها ته وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهچڻ جو خدشو هو، باھ لڳڻ جو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته ٻارن جي غفلت جي ڪري لڳي آهي يا ان جو ڪارڻ ڪا دشمني به ٿي سگهي ٿي

Read Previous

مٽياري شگر مل نه صرف شهر جي نوجوانن پر آسپاس جي هزارين نوجوانن کي روزگار مهيا ڪيو آهي .. سيد جنيد اڪبر شاھ جي ايم شگر مل مٽیاري

Read Next

لاڙڪاڻو يوسي 12 مين غلام ڀٽو روڊ شاه بهارو مقام جي گيٽ وٽ مسجد مدرسي ڀرسان ٻن ٽرانسفامرن جي هيٺان گند ڪالھ به پخيو رهيو

Most Popular