تعليم کاتي جي نااهلي سبب پرائمري اسڪول ڏانورو ۾ استادن جي کوٽ 20 سالن کان برقرار، 300 شاگرد تعليم جي زيور کان محروم بڻيل

خيرپور (ڊر) تعليم کاتي جي نااهلي سبب پرائمري اسڪول ڏانورو ۾ استادن جي کوٽ 20 سالن کان برقرار، 300 شاگرد تعليم جي زيور کان محروم بڻيل، اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري تعليم جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيو وڃن، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو گڏيل احتجاجي مظاهرو، ڊي اي او ايجوڪيشن خيرپور جي آفيس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ ، خبر موجب خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڏانورو جو پرائمري اسڪول ۾ گذريل 20 سالن کان استادن جي کوٽ برقرار آهي، ڏانورو جي رهواسين ناليواري سماجي اڳواڻ زاهد خان ڦلپوٽو ، شوڪت علي ڦلپوٽو ،الطاف حسين ڦلپوٽو ۽ ٻين اسڪول آڏو شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته هن اسڪول ۾ ڀرپاسي جي 12 ڳوٺن جا  300 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موجود آهن، پر افسوس آهي جو تعليم کاتي جي نااهلي سبب 300 شاگردن لاءِ اسڪول ۾ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، جيڪو نا ڪافي آهي، هنن ٻڌايو ته هڪ استاد سوين شاگردن کي پڙهائڻ جي ڪري ذهني بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته اسان جا ٻار سڄو ڏينهن اسڪول ۾ وقت ضايع ڪري تعليم پرائڻ کانسواءِ گهر موٽي اچن ٿا، جن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري شاگردن ۽ والدين ۾ سخت مايوسي پکڙيل آهي، جنهن جون شڪايتون چونڊيل نمائندن ء۽ تعليم کاتي وارن کي ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، اسڪول جي هيڊ ماستر استاد علي خان ڦلپوٽو چيو ته مان اڪيلو ڄڻو 300 شاگردن کي تعليم نٿو ڏئي سگهان ، هن ٻڌايو ته هن اسڪول ۾ 6 استادن جي سخت ضرورت آهي ،چوڪيدار ۽ پٽيوالو به مقرر ٿيل ناهي، جنهن بابت اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ ليٽر موڪلڻ باوجود اسڪول جي مسئلن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، هنن تعليم جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول ڏانورو ۾ استاد جي کوٽ فل فور ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ايندڙ هفتي ڏانور اسڪول جي شاگردن ۽ والدين پاران  ڊي اي او پرائمري جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو استاد ملڻ تائين جاري رکيو ويندو،

Read Previous

خيرپور : اي ايس آءِ بلاول وساڻ ڊيوٽي کان واپس ايندي رات دير سان سندس ويگو گاڏي بجلي جي پوليس سان ٽڪرائجڻ سبب گاڏي سڙي رک ٿي وئي

Read Next

سکر: سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي ۽ لاپروائي سبب شهر گندگي جي ڍيرن، نالين ۽ گٽرن جو پاڻي روڊن تي نڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي

Most Popular