وزيراعظم عمران خان جي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات، افغان مفاهمتي عمل تي ڳالهيون

ڪابل:  وزيراعظم عمران خان جي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ افغان صدر وچ ۾ خطي جي سيڪيورٽي بابت ڳالهيون ڪيون ويون. صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو ويو. صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم افغان صدر سان گڏ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني پنهنجي پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو. ان موقعي تي وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان هم منصب حنيف اتمر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغان امن عمل ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. شاهه محمود قريشي چيو ته خطي جو امن استحڪام افغانستان ۾ امن جي قيام سان جڙيل آهي.  عمران خان جو هميشه کان موقف رهيو آهي ته افغان مسئلي کي طاقت جي ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي. بين الافغان ڳالهين جي ڪامياب ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ پنهنجي مخلصانه ڪاوشون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

Read Previous

سکر: سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي ۽ لاپروائي سبب شهر گندگي جي ڍيرن، نالين ۽ گٽرن جو پاڻي روڊن تي نڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي

Read Next

پنجاب جي ڇهن وڏن شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو

Most Popular