چونڊ اصطلاحات بهتر قدم


عبدالسلام ابڙو

پاڪستان جي سياسي تاريخ تي نظر ڦيرائينداسون ته ويجهي ماضي ۾ اسان کي اها ڳالھ چٽي نظر ايندي ته پاڪستان جي سياست ڄنڊاپٽ جو شڪار رهندي آئي آهي، اسان جي سياستدانن بجاءِ ملڪي خوشحاليءَ لاءِ ڪي بهتر قدم کڻڻ جي پئي هڪٻئي مٿان الزامن جو بوڇاڙ ڪئي آهي ۽ هڪٻئي کي لوئڻ ۾ بس پئي جهڙوڪر پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي۔ هينئر به ڏٺو وڃي ته هن وقت جيڪي پاڪستان جا حالات آھن انھن حالتن ۾ اسان جي ڏيھ کي ھڪ مخلص ۽ تجربيڪار ليڊرشپ جي ضرورت آھي، جيڪا ليڊرشپ ۽ سياسي دانشمندي اسان کي وزير اعظم پاڪستان عمران خان ۾ ڪنهن حد تائين نظر اچي پئي۔

ڪجھ ڏينهن پوئتي وڃئون جڏهن دنيا ۾ ڪورونا وائرس ويڌن پئي ڪئي ۽ پنهنجا پير اچي پاڪستان ۾ کوڙڻ شروع ڪيائين ٿي ان وقت سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ ڪورونا مسئلي بابت وفاقي حڪومت سان مشاورت ڪرڻ بنا جڏهن لاڪ ڊائون لاڳو ڪندي عوام کان روزگار کسڻ سان گڏ کانئس عام صحت جون سهوليتون به مڪمل طور کسي عوام کي بک ، عام بيمارين ۽ حراس ۾ مرڻ لئه ڦٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان ڳالھ جي ڪوشش ڪندي رھي هئي ته ڪنهن به صورت ماڻهن کي اجهو ۽ لٽو ته ڪونه ڏبو پر هاڻي انهن کان اٽو به کسي وٺبو، تڏهن وزير اعظم پاڪستان عمران خان عوام کي نه گهٻرائڻ جي التجا ڪندي احساس پروگرام جو آغاز ڪندي نادار ۽ بيوس ماڻهن جي مدد جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پاڻ وڃي احساس سينٽرن جا دورا ڪري اهو پيغام ڏنو ته عوامي چونڊيل وزير اعظم هڪ خدمتگار هوندو آهي جيڪو عوام جي اهنج ۾ مبتلا هجڻ وقت ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن کان ٻاهر نڪري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو آهي۔

وزير اعظم عمران خان نه رڳو ان صورتحال ۾ عوام کي حوصلو ڏيندي هن خطرناڪ وبا کان محفوظ رهڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل پيرا ٿيڻ خاطر آماده ڪيو پر ملڪ جي بهتري لئه ٻيا به کوڙ سارا ساراھ جوڳا قدم کڻندو رهيو آهي ۽ اڃا به وک وڌائي اڳتي وڌندو رهي ٿو۔ اهڙن ساراھ جوڳن قدمن جو جائزو وٺنداسين ته انهن مان هڪ قدم چونڊ نظام ۾ اصطلاحات جو به آهي۔ ڪافي عرصي کان پاڪستان جو چونڊ نظام اهڙو رهيو آهي جو ان تي سدائين چونڊن ۾ هارائجي ويل پارٽيون تنقيد ڪنديون رهيون آهن ۽ غيراعتمادي جو اظهار ڪنديون رهيون آهن۔ تازو ئي گلگت بلتستان صوبي ۾ ٿيل چونڊن ۽ آيل نتيجن تي مخالف ڌر جي اعتراضن بعد وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي گلگت بلتستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت ان علائقي جي عوام جو احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو واعدو پورو ڪندي، چونڊ عمل کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڳجهي بيلٽ پيپر بدران هٿ مٿي کڻي ووٽ وجهڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن موقعي تي وزيراعظم چيو ته سينٽ چونڊن جي حوالي سان بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ جي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي، هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هوندي، ان مان خبر پوندي ته ڪهڙي سياسي پارٽي ان عمل جي حمايت ڪندي ۽ بدعنواني جي روڪٿام جي مخالفت ڪندي، وزيراعظم چيو ته اهو موجوده حڪومت جو پهريون اهم قدم آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جي چونڊن ۾ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪرڻ تي صوبائي اسيمبلي جي 12 مميبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت هن چيو ته نادرا پاران فراهم ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي نظام جوڙڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جاري آهي، هن چيو ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي به آن لائين ووٽ وجهڻ ۾ آساني ٿيندي۔
وزير اعظم پاران مذڪوره چونڊ سڌارن بابت بل 2017ع تي چونڊ ڪميٽي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، ان سان نئين چونڊ قانون کي ايندڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. نئين چونڊ قانون ۾ اليڪشن ڪميشن کي مڪمل بااختيار بڻائڻ، هر آدمشماري کانپوءِ نيون تڪ بنديون ڪرڻ، قومي اسيمبلي جي اميدوارن جي لاءِ چونڊ خرچ وڌائي 40لک ۽ صوبائي تڪ جي لاءِ 20لک روپيا ڪرڻ، چونڊ عملي جي مقرري اليڪشن کان 60 ڏينهن پهرين ڪرڻ ۽ چونڊ قانون جي پاسداري جو حلف وٺڻ جي پابندي لڳائڻ شامل آهي.
40 سالن کانپوءِ ٿيندڙ هنن چونڊ اصطلاحن موجب هڪ پولنگ اسٽيشن کان ٻي پولنگ اسٽيشن جو فاصلو هڪ ڪلوميٽر هوندو، سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اميدوارن جي لاءِ هڪ ئي طرز جا نامزدگي ڪاغذ فارم هوندا، قومي اسيمبلي جي لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي في 30 هزار روپيا جڏهن ته صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي لاءِ 20 هزار روپيا هوندي، اميدوار نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جي دوران پنهنجا ادا ڪرڻ جوڳا قرض، يوٽيلٽي بلز ۽ ٽيڪس ادا ڪرڻ بابت تفصيلن جي فراهمي جو پابند هوندو. بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو طريقيڪار به جوڙيو ويو آهي هاڻي اضافي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي سڄي ملڪ جي لاءِ هڪجهڙي طريقيڪار تحت هوندي، جعلي ووٽ وجهڻ جي صورت ۾ ان جي فرانزڪ جاچ ڪرائي ويندي ۽ ان جي نادرا کان نشاندهي ڪرائي سزا ڏني ويندي. ريٽرنگ آفيسر فوري طور عبوري رزلٽ تيار ڪندو ۽ حتمي نتيجن جو ٽن ڏينهن ۾ اعلان ڪيو ويندو، عبوري رزلٽ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اميدوارن جي پولنگ ايجنٽس جون صحيحون به هونديون، جيڪڏهن هڪ ڪامياب اميدوار هارائيندڙ اميدوار جي وچ ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ جو فرق هوندو ته نتيجن جي اعلان کان پهرين ريٽرنگ آفيسر حصو وٺندڙ اميدوارن جي درخواست تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائيندو، جيڪڏهن ٻن اميدوارن کي برابر ووٽ پون ٿا ته کين اڌواڌ مدو ڏنو ويندو.
ساليانا مالي گوشوارا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع تحت جمع ڪرايا ويندا جيڪڏهن ڪو ميمبر ان ۾ ناڪام رهي ٿو ته 60 ڏينهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ان جي ميمبرشپ معطل ڪري سگهندي.
ڪنهن به نئين سياسي پارٽي جي رجسٽريشن جي لاءِ گهٽ کان گهٽ ميمبرن جو تعداد ٻه هزار ۽ رجسٽريشن فيس 2 لک روپيا مقرر ڪئي وئي، سياسي پارٽي جي لاءِ ساليانو مالياتي گوشوارا ۽ هڪ لک کان وڌيڪ عطيو ڏيندڙ ڊونرز جي فهرست جمع ڪرائڻ لازمي قررا ڏنو ويو آهي، بلدياتي حڪومتن جي تڪ بندي اليڪشن ڪميشن طرفان جوڙيل تڪ بندي ڪميٽي ڪندي، نگران حڪومت روزانو جي بنياد تي معمول جو ڪم ۽ اڻ تڪراري معاملا اڪلائيندي، نگران حڪومت فوري نوعيت جي معاملن کانسواءِ وڏا پاليسي ساز فيصلا نه ڪري سگهندي. پارليامينٽ ميمبرن جيان نگران حڪومت ۾ شامل ماڻهو به اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي اثاثن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا، اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مشاورت سان سياسي پارٽي اميدوارن، پولنگ ايجنٽس جي لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪندي، ميڊيا، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ چونڊ مبصرين جي لاءِ به ضابطه اخلاق جاري ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن ملڪي ۽ غير ملڪي مبصرين کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ جاري ڪندو، عورتن جي چونڊ عمل ۾ وڌ کان وڌ شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ خاص سيٽن تي پنج سيڪڙو ٽڪيٽ عورتن کي ڏيڻ جون سياسي پارٽيون پابند هونديون۔ عورتن جي چونڊ عمل ۾ شرڪت وڌائڻ جي لاءِ ميڊيا جي ذريعي آگاهي مهم هلائي ويندي۔
هاڻي جيڪڏهن اهڙو بل هي حڪومت ٻنهي ايوانن مان پاس ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي وٺي ٿي ته يقينن اها سندس وڏي ڪاميابي ۽ ملڪ لاءِ وزيراعظم پاڪستان جو خوش آئند قدم هوندو۔

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي نئين ڪنوار نَوَ ڏينھن، اھڙي اھڙي به ڏهه ڏينھن، ڇڪي تاڻي تيرنھن ڏينھن.

Read Next

سجاول: الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف شهر مڪمل بند

Most Popular