مٽياري : اوڏيرولال کان قيصر سينهڙو روڊ جي مرمت جو ڪم ٺيڪيدارن پاران اڌ ۾ ڇڏي فرار

مٽياري :  اوڏيرولال کان قيصر سينهڙو روڊ جي مرمت جو ڪم ٺيڪيدارن پاران اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿيڻ خلاف 30 کان مٿي جي ڳوٺاڻن جو ٺيڪيدارن خلاف نور حسن هڪڙو، محمد زبير هنڱورو، حزب الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، ڇتي نعريبازي، احتجاج ڪندڙن ميڊيا وارن کي ٻڌايو آهي ته ٺيڪيدارن روڊ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ سبب اسان سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هنن چتاءُ ڏيندي چيوپ ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر روڊ جو ڪم شروع نه ڪرايو ويو ته مجبورن ڊي سي آفيس مٽياري اڳيان بک هڙتال ۽ ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪنداسين. خبر موجب اوڏيرولال وليج کان قيصر سينهڙو تائين روڊ جي مرمت جو ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪرڻ بعد روڊ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿيڻ خلاف ڳوٺ طاهر هنڱورو، نوبت مري، الهه بخش ميرجت، ٻڍو مڱريو، ڍالو خاصخيلي، فيض محمد هنڱورو، چنيسر خاصخيلي، عرضي هڪڙا، هاشم ساند، دين محمد هنڱورو، رهاڻ مري، اوٺو مري، بچل ورياهه سميت 30 کان مٿي ڳوٺ جي ڳوٺاڻن محمد زبير هنڱورو، نور حسن هڪڙو، حزب الله، ياسين، حق نواز ميرجت، غلام قادر ڇٽو، محمد يوسف هنڱورو، محمد ساند ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو هڻي اوڏيرولال وايه قيصر سينهڙو روڊ کي ٽن ڪلاڪن تائين ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ لاءِ معطل ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن نعريبازي ڪندي اڳواڻن محمد زبير، حزب الله، نور حسن هڪڙو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته 19 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان روڊ جي مرمت لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، پر ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن پر ٺيڪيدارن پاران روڊ جي مرمت ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪرڻ بعد ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، جنهن ڪري اسان کي سفري سهولتن ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. جڏهن ته روڊ جي دز سبب ڪيترائي علائقي واسي مختلف بيمارين ۾وڪوڙجي ويا آهن، جڏهن ته حادثا معمول بڻجي ويا آهن. احتجاج ڪندڙن چيو ته بار بار دانهن جي باوجود ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته مٽياري ضلعي جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان کي شڪايتون پڻ ڏنيون آهن پر اڃان تائين ڪوبه کڙتل نه نڪتو آهي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر روڊ جو ڪم شروع نه ڪرايو ويو ته ڊي سي آفيس مٽياري اڳيان بک هڙتال ۽ بک هڙتال جو سلسلو ڪيو ويندو.

Read Previous

سکر: سنڌ ۾ بدامني عروج تي آھي ڏوهارين کان سياسي اڳواڻ به محفوظ ناهن : اڳواڻ

Read Next

نيب آمدن کان وڌيڪ ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن تي ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين ڪرپشن جو ريفرنس ڪيس داخل ڪيو آھي

Most Popular