پشاور ۾ ضلعي انتظاميا جو پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار

پشاور: ضلعي انتظاميا ڪورونا وائرس جي امڪاني ڦهلاءَ سبب پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پشاور ۾ ضلعي انتظاميا ڪورونا وبا جي ڦهلاءَ واري خطري کي نظر ۾ رکندي چيو آهي ته حڪومت عوامي اجتماعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر موجب ضلع پشاور ۾ ان وقت ڪورونا وائرس جي شرح 13 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، وڏن عوامي اجتماعن جي ڪري ڪورونا جي ڦهلجڻ جو وڏو امڪان آهي، مذڪوره صورتحال ۽ ڪورونا وائرس کان انساني زندگين کي بچائڻ جي غرض سان جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي

Read Previous

ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ تيز رفتار آئل ٽينڪر گهر ۾ ڪاهي پيو

Read Next

افغان امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي: شاهه محمود قريشي

Most Popular