موٽر وي زيادتي ڪيس مان متاثر فلم(شينو گئي) ڪڏهن رليز ٿيندي؟

لاهور: ڪجهه مهينا اڳ موٽر وي تي عورت سان ٿيندڙ زيادتي کان متاثر ٿي هدايتڪار ابو عليحه فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  هدايتڪار ابو عليحه پنهنجي انسٽاگرام تي ڪيتريون ئي پوسٽون  شيئر ڪيون جنهن ۾ هن ٻڌايو ته موٽر وي زيادتي حادثو ٿيو ان حادثي بابت سوشل ميڊيا تي الباڪستاني  مجاهدين جي خيالن کي پڙهيو ته دل ڪيو ته هنن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکيو وڃي. هن ٻڌايو ته جڏهن ڪهاڻي لکي ورتي ته زميز پروڊڪشنز جي ڀيڻ عابده احمد ۽ ميٽرو لائيو مووير جي عمر خطاب بهائي سان ڳالهيون ٿيون.  ٻنهي چيو ته مڪمل ڪيٽيو فريڊم سان گڏ فلم ٺاهينداسين. هڪ سئنيما به کليل رهيو ته اسان ڊسمبر ۾ رليز ڪنداسين. ابو عليحه وڌيڪ ٻڌايو ته عورت ٽول ناهي، عورت  جنس ناهي، عورت ڀلي اوهان جي  ڌيءَ، ڀيڻ، ماءُ، زال نه هجي فقط عورت هجڻ جي ناتي به هو احترام ۽ عزت لائق آهي.  هدايتڪار چيو ته فلم شينو گئي جي مُک ڪردار جي لاءِ اهڙي ڇوڪري گهربل هجي جيڪا ڳري موٽر سائيڪل نه صرف هلائڻ ڄاڻندي هجي پر ان کي هلڪو ڦلڪو ميٽينس به ڪري سگهي.

Read Previous

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي امڙ شميم اختر لاڏاڻو ڪري وئي

Read Next

نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ اعلان ڪيل قومي اسڪواڊ ۽ اسٽاف جا ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي ويا

Most Popular