نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ اعلان ڪيل قومي اسڪواڊ ۽ اسٽاف جا ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي ويا

لاهور: نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ سمورن رانديگرن  ۽ مدد گار اسٽاف جي ميمبرن جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي وئي آهي.  نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ رانديگر ۽ آفيشلز جمعي جي رات ئي لاهور جي مقامي هوٽل پهچي ويا هئا. جڏهن ته مقامي رانديگر ڇنڇر تي پهتا. ڪورونا ٽيسٽ جي لاءِ ان سمورن ماڻهن جا سيمپل هوٽل ۾ حاصل ڪيا ويا هئا. هاڻ پي سي بي کي ان جي رپورٽ به ملي وئي آهي. جن ۾ سمورن رانديگرن ۽ مددگار اسٽاف جا ميمبر به ڪليئر ٿي ويا. قومي اسڪواڊ سومر جي صبح 3 وڳي نيوزيلينڊ روانو ٿيندو. ياد رهي ته انگلينڊ جي دوري کان اڳ 10 رانديگرن جا ٽيسٽ هاڪاري آيا هئا، ان کي ڪليئر ٿيڻ تي روانو ڪيو ويو هو. پر نيوزيلينڊ جي  سخت قانون سبب پاڪستان ۾ پازيٽو ڪهن به رانديگر کي بعد ۾ به روانو نٿو ڪري سگهجي.

Read Previous

موٽر وي زيادتي ڪيس مان متاثر فلم(شينو گئي) ڪڏهن رليز ٿيندي؟

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي،وئي سِڱن ڪاڻ، ڪَن به ڪَپائي آئي

Most Popular