سانگهڙ بوائز هاء اسڪول ۾ تقريب… 20 گريڊ ماڻيندڙ ضلعي جي مڙني استادن کي ايوارڊ ڏنا ويا… بهترين استادن ۾ به ايوارڊ ورهايا ويا

سانگهڙ بوائز هاء اسڪول ۾ تقريب… 20 گريڊ ماڻيندڙ ضلعي جي مڙني استادن کي ايوارڊ ڏنا ويا… بهترين استادن ۾ به ايوارڊ ورهايا ويا…. سنڌ ۾ 37 هزار استادن جون جايون خالي پيل آهن، کوڙ سارن اسڪولن ۾ فرنيچر، ڪلاسن جي کوٽ ۽ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو آهي، معاشري کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ استاد جو وڏو ڪردار آهي اهڙو اظهار سانگھڙ جي بوائز هاء اسڪول ۾ گسٽا پاران ضلعي جي 170 استادن توڙي استادياڻين کي 20 گريڊ ملڻ واري ڪوٺايل ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي گسٽا جي صوبائي صدر اشرف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته هن سوسائٽي ۾ ڪو وڏو ماڻهو آهي ته اهو استاد آهي، جنهن وٽ علم وڌيڪ آهي اهو استاد آهي، اڄ استادن کي سندن خدمتن عيوض 20 گريڊ مليو آهي، پوري دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن به استاد کي 20 گريڊ ناهي مليو اهو صرف سنڌ صوبي جو استاد آهي جنهن کي هيڏو وڏو گريڊ مليل آهي، اسان جو به فرض آهي ته تعليم جي بهتري ۾ اسان هڪ بهترين ڪردار ادا ڪيون، اسان کي اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي، هن معاشري کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ وارو استاد آهي سانگهڙ ۾ تعليم کاتي پاران ٻه سال اڳ لڳايل سائنسي ميلي به هڪ بهترين پيغام ڇڏيو ۽ استادن جي حوصلہ افزائي ٿي، هن چيو ته پوري سنڌ جي اسڪولن ۾ 37 هزار استادن جون جايون خالي پيل آهن، استاد ٿورا هوندا ته پيرڊ جي ذميواري وڌي ويندي، استاد کي هڪ بهتر تعليم ڏيڻ لاء محنت ڪرڻي پوندي، اسان ادارن جي هميشه مالڪي ڪئي آهي، اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ڪلاسن جي کوٽ آهي، پيئڻ جو پاڻي ڪونهي اهو هڪ وڏو مسئلو آهي جيڪو سنڌ حڪومت کي حل ڪرڻو آهي، هن چيو ته استادن جي حقن لاء جدوجهد جاري رکندا سين ، گسٽا هميشه استادن جي جائز مسئلن کي اهميت ڏني آهي، تقريب کي ڊي او سيڪنڊري نصير احمد جوڳي چيو ته استاد هن معاشري ۾ هڪ بهترين ڪردار ادا ڪري ٿو، اڄوڪي تقريب استادن ۾ هڪ حوصلي ۽ همت جو پيغام ڇڏيو آهي، استادن جي هٿ ۾ مستقبل جي هڪ وڏي ذميواري آهي، سٺو استاد سٺا شاگرد پيدا ڪري سگهي ٿو، استادن کي اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي، تقريب کي گسٽا ضلعي سانگهڙ جي صدر رستم علي نظاماڻي ،جنرل سيڪريٽري فضل الله عمراڻي، ذوالفقار عمراڻي، دريا خان نظاماڻي، تاج محمد ڏاهري، ظهير سومرو، اقبال علي ڪنڀر، غلام مصطفي ڏاهري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، تقريب دوران ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ تعليم جي حوالي سان بهترين ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ استادن ۾ پڻ ايوارڊ ورهايا ويا.  اسڪولي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيو ويو، آيل مهمانن جي استقبال لاء گلن جي ورکا  ڪئي وئي.

Read Previous

سڪرنڊ: ڳوٺ نئون ٻاٺو ۾ نياڻين جو پرائمري اسڪول هڪ سال کان بند هئڻ ۽ نياڻين جي تعليم خراب ٿيڻ خلافاحتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي والار سميت سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء مڪلي کان ٺٽي تائين احتجاجي ريلي

Most Popular