خيرپور جي واپڊا اسڪارپ ڪالوني جي رهواسين جو اسڪارپ ڪالوني جا گهر ڊاهڻ خلاف مين گيٽ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي

خيرپور (ڊر) خيرپور جي واپڊا اسڪارپ ڪالوني جي رهواسين جو اسڪارپ ڪالوني جا گهر ڊاهڻ خلاف مين گيٽ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، جنهن جي اڳواڻي واپڊا اسڪارپ ڪالوني جا رهواسي  علي گل لاشاري ، غلام شبير دراني ، خرم مھسر  ، سجاد  لاشاري ، شهزاد شيخ، راشد لاشاري، شريف عباسي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا, ان موقعي تي چيو ته اسڪارپ ڪالوني ۾ رهندڙ سڀني ملازمن کي ليٽر جاري ڪيا ويا آهن ته انڪروچمنٽ ختم ڪريو ، اسان چئون ٿا ته اسڪارپ ڪالوني ۾ ڪا به انڪروچمنٽ نه آهي.  اسڪارپ ڪالوني ۾ رھائشي ملازمن کي انڪروچمينٽ جي آڙ ۾ اسڪارپ جي انجنيئر حيات شيخ, حنيف چنو ھاء ڪورٽ جي نالي سان ڪوڙا ليٽر جاري ڌمڪيون ڏنيون آھن ته پنھنجا گھر خالي ڪيو ۽ ڪالوني ۾ ڪو به غير قانوني گھر نه آھي سڀئي ملازم آھن جن جي نالي تي ڪواٽر الاٽ ٿيل آھن ان باوجود گهر ڊاهڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر ڪيمپ تي پهتو, جتي هن چيو ته اسڪارپ ڪالوني مڪمل تباھ ٿي وئي آھي پر ھنن کي ڪنھن جي پرواھ نه آھي, گھرن جون ڇتيون ڪرن ٿيون, گھر ختم ٿي ويا آھن ۽ رپيئر جي نالي تي لکين رپيا کاڌا ٿا وڃن, ڪالوني جا گٽر کليا پيا آھن, جنھن ۾ ٻارڙا ڪري فوت ٿي چڪا آھن ڊرينج نالينون تباھ آھن ٽيوبيل مڪمل بند آھن اسان مطالبو ٿا ڪيو ته واپڊا اسڪارپ ڪالوني جي ملازم  سان انصاف ڪري ڪالوني جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪندڙ اسڪارپ انتظاميا کي گرفتار ڪري جيل موڪليو وڃي

Read Previous

نوشھروفيروز: محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز، مورو ۾ احتجاجي مظاهرو

Read Next

ناليواري سماجي اڳواڻ سيد ذوالفقار علي شاهه کنڀجڻ خلاف وارثن جو احتجاج

Most Popular