هن ڀيري بنا امتحانن جي ٻارن کي پروموٽ نه ڪيو ويندو: سعيد غني

Saeed ghani

ڪراچي:  سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته هن سال ڪنهن به صورت ۾ بنا امتحانن جي ٻارن کي ٻين ڪلاسن ۾ پروموٽ نه ڪيو ويندو.   تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ چئني  صوبن جي صوبائي وزيرن جي تعليم وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال ۾ اسڪولن جي بندش جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾  سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جو موقف هو ته اسان جي تجويز آهي ته سمورا   تعليمي ادارا بند نه ڪيا وڃن. جيڪڏهن ائين ڪرڻو آهي ته پرائمري اسڪولز جنهن ۾ انرولمنٽ 73 سيڪڙو آهي ان کي بند ڪيو وڃي. اسان اجلاس ۾ تجويز پيش ڪندي چيو ته ڇهين ڪلاس ۽ ان کان اڳيان جي سمورين ڪلاسن کي جاري رکيو وڃي. جڏهن ته نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان مئي ۽ جون ۾ وٺن جو فيصلو نه ڪيو وڃي. اڳيان جي صورتحال ڏسڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته جيڪي اسڪولز آن لائين تعليم ڏيڻ چاهين ٿا اهي آن لائن تعليم جاري رکندا پر جيڪي والدين ٻارن کي اسڪول نه موڪلڻ چاهين ته ان  ٻارن خلاف اسڪول کي ايڪشن نه کڻڻ جو پابند ڪيو وڃي. سعيد غني چيو ته تعليمي ادارن ۾ سموريون غير تدريسي سرگرميون هن سال مڪمل طور تي بند ڪيون وڃن. سعيد غني اهو به چيو ته هن سال ڪنهن به صورت ۾ بنا امتحانن جي ٻارن کي ايندڙ ڪلاسز ۾ پروموٽ نه ڪيو ويندو. سنڌ جي تعليم واري وزير وڌيڪ چيو ته ننڍن خانگي اسڪولز کي مالي ريليف جي لاءِ بينڪن  کان آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا. اسڪولن سان گڏوگڏ اسان کي ٽيوشن ۽ ڪوچنگ سينٽرز کي به ان ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هن جو اهو به چوڻ هو ته خانگي اسڪولن کي بدحالي جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قرضن تي سود وفاقي حڪومت ادا ڪندي.

Read Previous

ناليواري سماجي اڳواڻ سيد ذوالفقار علي شاهه کنڀجڻ خلاف وارثن جو احتجاج

Read Next

وفاقي حڪومت 26 نومبر کان سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

Most Popular