سکر: ملاحن جي عالمي جي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ملاح فورم سکر ضلعي پاران مقامي هوٽل ۾ ضلعي صدر خورشيد ميراني جي صدارت هيٺ تقريب منعقد ڪئي وئي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ملاحن جي عالمي جي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ  ملاح فورم سکر ضلعي پاران  مقامي هوٽل ۾ ضلعي صدر خورشيد ميراني جي صدارت هيٺ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن  ۾ سنڌ ملاح  فورم  سکر جي ضلعي جنرل سيڪريٽري عرفات محمد ميراني ، شفيع محمد ميراني ، عبدالخالق ميراني ، عبدالرئوف ميراني ، نور محمد ميراني ، اسلم ميراني  ، رمضان ميراني ، لعل محمد ميراني ، سليم ميراني ۽ مولانا اسد الله سميت ملاح  فورم جي ميمبرن جو وڏي انگ  شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي شير محمد ميراني صدر سنڌ ملاح  فورم سکر ڊويزن ، ضلعي صدر سکر  صدر خورشيد احمد  ميراني ۽ ٻين چيو ته سنڌ ملاح  فورم جي پليٽ فارم تان برادري جي ڀلائي لاء  هر فورم تي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو ويندو اڳواڻن  وڌيڪ چيو ته ملاح برادري پنهنجن اختلافن کي وساري  هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿي وڃي ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري. گڏيل ۽ منظم طريقي سان جيڪڏهن  پنهنجي ووٽ جي حق جو  استعمال ڪريون ته  سنڌ مان ڪيتريون ئي  سيٽون حاصل ڪري سگھون ٿا اسان کي حق پرستيءَ مان فائدو نه ٿيندو ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ اسان کي هڪ  پليٽ فارم تي متحد ٿيڻو پوندو. جديد تعليم جو دور ۽ دنيا سان ڪلهو ملائيندڙ هٿرادو هلڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسان پنهنجن ٻارن خاص طور تي ڇوڪرين کي تعليم ڏيارينداسين هي فورم غريبن جي تنظيم آهي جنهن جو مقصد غريب  ملاحن جي مدد ڪرڻ آھي اسان نااميدي جي اونداھين مان ٻاهر نڪرڻ چاهيون ٿااهل برادري جا ماڻهو پنهنجي ووٽ جي اهميت کي سمجهن ٿا هڪ ووٽ فتح ۽ شڪست جو فيصلو ڪندو آھي ، شرڪت ڪندڙن سنڌ ملاح  فورم جي چيئرمين سائين الله رکيو  ميراڻي جو شڪريو ادا ڪيو جنهن برادري کي هڪ پليٽ فارم ڏئي گڏ ڪيو

Read Previous

زرعي توسيع کاتي جي 88 پي ايڇ ڊي ڪندڙ فيلڊ اسسٽنٽس کي 10 سال گذري وڃڻ باوجود ترقيون نه ملڻ خلاف سکر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

سکر : سنڌ ۾ کير جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ٺاهيا آهن: عبدالباري پتافي

Most Popular