خوشبو ۽ محبتن جي شاعره پروين شاڪر جي اٺهٺين سالگره ملهائي پئي وڃي

لاهور:   خوشبو ۽ محبتن جي شاعره پروين شاڪر  جيڪڏهن اڄ زنده هجي ها ته زندگي جون 68 بهارون ڏسي ها. محبتن ۽ خوشبوئن جي شعرن ۾ پاڻ کي سمائيندڙ پروين شاڪر 24 نومبر 1952 تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي هن ننڍي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي.  پروين شاڪر جي پيءُ جو نالو سيد شاڪر حسين هو پروين شاڪر جي ناني حسن عسڪري کيس ادبي دنيا ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شاعري جي دنيا ۾ کيس احمد نديم قاسمي جهڙي اديب جي سرپرستي حاصل رهي. سندس مشهور ڪتابن ۾ خوشبو صدبرگ، خود ڪلامي، انڪار ۽ ماهه سمورا شامل آهن. پروين شاڪر تعليمي دور جي شروعات کان ئي اردو بحث مباحثن ۽ مختلف علمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي رهي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هو  9 سال هن شعبي سان لاڳاپيل رهي. خوشبو جي شاعره مان لقب حاصل ڪندڙ پروين شاڪر اردو غزل جي رومانوي ڪيفيت کي نوازيو ۽ ان جي پهرين ئي ڪتاب خوشبو کي ايوارڊ سان نوازيو ويو. پروين شاڪر  کي  پاڪستان جي حڪومت طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ به ڏنو ويو. پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994ع تي اسلام آباد ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺي پر ان جي لفظن جي چونڊ ۽ لهجي جي شگفتگي جو سحر اڄ به زنده آهي.

Read Previous

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٺ جوبائيڊن انتظاميه کي اختيار منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

لاهور ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي تي خودڪش حملي جي ڪوشش ناڪام، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

Most Popular