لاهور ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي تي خودڪش حملي جي ڪوشش ناڪام، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

لاهور:   برڪي روڊ تي واقع ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) ٿاڻي تي دهستگرد حملي کي ناڪام بنائي ڇڏيو آهي.  رپورٽ موجب لاهور جي جي برڪي روڊ تي واقع ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) ٿاڻي ۾ خودڪش حملي آور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران سڃاڻپ پڇڻ تي دهشتگرد سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جوابي فائرنگ سبب دهشتگرد مارجي ويو. مارجي ويل دهشتگرد کان خودڪش جيڪٽ ۽ 2 دستي بم هٿ آيا آهن.  بم ڊسپوزل اسڪواڊ خودڪش جيڪٽ کي ناڪاره بنائي ڇڏيو آهي. دهشتگرد جي لاش کي ميو اسپتال جي مرده خاني منتقل ڪيو ويو آهي.  سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ٿاڻي تي حملو ڪرڻ چاهيو ٿي. ان جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. جلد نيٽ ورڪ جي خبر لڳائي ويندي. ٻئي طرف لاهور ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بنائڻ کان پوءِ اچڻ وڃڻ وارن رستن تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.  سي سي پي او لاهور عمر شيخ ڊولفن ۽ پيرو اهلڪارن کي بهتر پيٽرولنگ، ڊويزنل آفيسرن کي حساس ۽ اهم عمارتن، افيسن ۽ عوامي هنڌن جي سيڪيورٽي چيڪ ڪرڻ، شڪي ماڻهن ۽ لاوارث شين تي سخت نظر رکڻ ۽ ڪارن شيشن، غيرقانوني گرين نمبر وارين پليٽن ۽ بليون بتين وارين گاڏين کي چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

خوشبو ۽ محبتن جي شاعره پروين شاڪر جي اٺهٺين سالگره ملهائي پئي وڃي

Read Next

ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular