ٽوڪيو: جاپان ۾ آپگهات جا واقعا وڌڻ لڳا ۽ ان سبب ٿيندڙ فوتين جو انگ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن کان به وڌي ويو آهيآمريڪي ميڊيا موجب جاپان ۾ آپگهات جي واقعن ۾ تيزي سان واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ آڪٽوبر ۾ آپگهات جا واقعا ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگين کان به وڌي ويا آهن.ميڊيا رپورتن موجب گذريل مهيني جاپان ۾ 2 هزار 153 ڄڻن آپگهات ڪيو. جڏهن ته جاپان ۾ ڪورونا سبب فوتين جو گڏيل انگ 2 هزار 87 ٿي ويو آهي.آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جاپان ۾ آپگهات ڪندڙن ۾ عورتن جو انگ مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي.