مريم نواز جي پنجاب جي تڪ پي پي 80 تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض

نون ليگ جي اڳواڻ مريم نواز جي پنجاب جي تڪ پي پي 80 تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض ڪيو ويو

نامزدگي ڪاغذن تي مريم نواز جي اصل صحيح نه هئڻ جو اعتراض ڪيو ويو، شهري پاران اعتراض داخل ڪرايا ويا

 هڪ شهري پاران داخل ڪرايل اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته نامزدگي فارمن تي جعلي صحيح ٿيل آهي، مريم نواز سزا ٻڌايل به آهي، مريم نواز کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي

بلاول ڀٽو زرداري جي اين اي 127 لاهور تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي به اعتراض ڪيو ويو، هڪ شهري پنهنجي درخواست ۾ اعتراض ڪيو آهي ته نامزدگي ڪاغذن ۾ بلاول پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين سان وابستگي ظاهر ڪئي آهي

 پاڪستان پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان تلوار ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽيرن جو نشان تير آهي، ٻن جماعتن جو ميمبر هجڻ اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي

Read Previous

شڪارپور ۾ صوبائي تڪ تي چونڊ وڙهندڙ اميدوار پوليس هٿان مبينا کنڀي گم، احتجاج

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪي ڇڏيو

77 Comments

Comments are closed.

Most Popular